ڀٽ شاهه  (ن پ ا) گرين وچ يونيورسٽي ڪراچي جي استادن ۽ شاگردن ڀٽ شاھ پھچي يونيورسٽي آف  صوفي ۽ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاه جو دورو ڪيو. يونيورسٽي آف صوفي ۽ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاه جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي، استادن ۽ شاگردن کي ڀليڪار چوندي انھن کي يونيورسٽي جي مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ۽ چيو ته شاگردن جي دلچسپيءَ لاءِ هن قسم جا دورا لازمي آھن ته جيئن هو نيون شيون ڳولي ۽ سکي سگهن. مهوش حسنين پروگرام ڪوآرڊينيٽر فيشن مارڪيٽنگ اينڊ مرچنڊائيزنگ، نور حسن پروگرام ڪوآرڊينيٽر فيشن اسٽائلنگ اينڊ ڪميونيڪيشن ۽ ڪامران احمد ايلومني لنڪيج هيڊ ۽ ٻين وائيس چانسلر ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃيا.