ڪراچي جي بهادر نياڻي جنهن ڀاءُ لاءِ ڪيريئر قربان ڪري ڇڏيو

0
590

ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) جن ماڻهن جا حوصلا جوان هوندا آهن اهي ڏکيائين کان ناهن گهٻرائيندا، اهڙي ئي ناري آهي آصفه خانم آهي جيڪا ڪراچي ۾ رهي ٿي ۽ پنجن سالن کان حادثي جو شڪار ڀاءُ کي به پالي ٿي ته آن لائن ۽ ڊجيٽل سهولتن وسيلي ڪمائي به رهي آهي. هن جي خاندان ۾ هڪ ڀيڻ ۽ ٻه ڀائر آهن، سندن والده سندن ننڍپڻ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وئي هئي، سندن پرورش ڏاڏي ڪئي، سندس والد ۽ ڏاڏو ايئرفورس جا سويلين ملازم هئا، چاچو آرمي ۾ آهي. آصفه يونيورسٽي تائين تعليم پرائي ۽ پاڪستان نيوي جي تعليمي اداري ۾ تدريسي نظام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 2016ع ۾ سندس ڀاءُ سان حادثو ٿيو ۽ ان جي سموري ذميواري آصفه تي اچي پئي جيڪا هو شاندار نموني نڀائي رهي آهي. آصفه ڀاءُ لاءِ پڙهائڻ ڇڏي ڏنو ڀاءُ جا 5 آپريشن ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي. هن آن لائن تعليم وسيلي بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ٽيڪسٽائل فيشن ڊزائن ۾ ماسٽر ڪئي ۽ بي ايڊ جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي.