قاهره(انٽريسٽنگ نيوز) مصر ۾ روزيدارن کي سحري ۽ افطاري جي وقت ماڻهن کي آگاهه رکڻ لاءِ توپ استعمال ڪئي ويندي هئي جنهن جي شروعات سلطان صلاح الدين ايوبي جي دور ۾ ٿي هئي ۽ اهو سلسلو مصر ۾ 30 سال اڳ توپ خاني جي خرابي سبب ختم ٿي ويو هو پر هن سال اهو سلسلو وري بحال ڪيو ويو آهي. اها توپ صلاح الدين ايوبي قلعي ۾ لڳل آهي جيڪا 1467ع ۾ پهريون ڀيرو استعمال ڪئي وئي جنهن جي آواز تي روزو رکيو ۽ کوليو ويندو هو. 30 سال اڳ خراب ٿيڻ بعد هاڻ ان کي جديد ٽيڪنالاجي سان ٻيهر تيار ڪئي وئي آهي جنهن مان شعاع به نڪرندا آهن جيڪي پري پري تائين نظر ايندا آهن. ٻي روايت آهي ته اها توپ خديوي اسماعيل جي سپاهين رکي هئي ۽ هو ان کي مشقن لاءِ استعمال ڪندا هئا. روايت ڇا به هجي پر اها قديم رسم هڪ ڀيرو وري جاري ٿي وئي آهي.