دادو (رپورٽر) ڪاڇي جي ڊرگھ بالا ۾ زمين جي تڪرار تان لنڊ ۽ ٻٻر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، اختيار لنڊ، عبدالرزاق، عبدالغفار لنڊ ۽ ٻين دادو ۾ پهچي سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته هنن 9 مهينا اڳ حاجي خدابخش ۽ حاجي ماستر ٻٻر کان 27 لک روپين ۾ 24 جريب زمين خريد ڪئي ۽ زمين تي ٽريڪٽر جا هر ڏياري رهيا هئاسين ته بهاول ٻٻر، مريد، ڀنڀو، راشد ٻٻر ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي فائرنگ ڪري ٽريڪٽر واپس ڪرائي ڇڏيو ۽ هن وقت به هٿياربند ماڻهو ويٺل آهن، جنهن سبب خوني جهيڙي جا امڪان آهن، هنن دانهيو ته زمين اسان جي نالي ٿيل آهي ۽ فائرنگ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس بااثر مخالفن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪندا.