ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ميرواهه گورچاڻي جي عمارت ڇهن سالن کان تيار پر سنڌ سرڪار جي لاپرواهي سبب ايس اين اي منظور نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي عمارت مالڪي نه ٿيڻ سبب رولو جانورن ۽ ڳوٺاڻن جي مال جو وٿاڻ بڻيل آهي. ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل بلڊنگ تباهه ٿيڻ لڳي. هن جديد دور ۾ به ميرواهه گورچاڻي جي پنجويهه هزار جي آبادي رکندڙ شهر جون نياڻيون اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان وانجهيل آهن. شهرين سنڌ سرڪار ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته اسڪول جي ايس اين اي منظور ڪرائي وڃي ۽ اسڪول فعال بڻائي نياڻين جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي.