ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي لڳ ڳوٺ بادل شاهه جي گرلز پرائمري اسڪول پنجن سالن کان بند، ڳوٺ جي نياڻين جي تعليم تباهه ٿيڻ لڳي، ڳوٺاڻن پاران پنهنجي معصوم نياڻين ۽ ٻارڙن سميت اسڪول ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. معصوم ٻارڙن مريم، ندا، ارحا، ثانيا، سويرا، طيبه، ڪوشلا، شانتي، گڏي، ليلا پنھنجي والدين سان گڏ نعرا هڻندي چيو ته اسان جي اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ هڪ ماسترياڻي ڏيو، نياڻين جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچايو جا زوردار نعرا پڻ هنيا. نياڻين جي والدين چوڌري اسد، چوڌري رفيق، محمد ارشد آرائين، بشير احمد آرائين، عارف ۽ بلال آرائين چيو وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچايو، اسان جي اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ماسترياڻي ڏيو ته جيئن ڳوٺ جون نياڻيون تعليم پرائي سگهن.