حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراهه اڪبر جتوئي چيو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 51 ورسي 21 مئي تي ٽنڊو محمد خان جي علائقي کٿڙ ۾ ملهائي ويندي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراهه ڄاڻايو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي تقريب ۾ سنڌ سميت ملڪ جا نالي وارا سياستدان، قوم پرست اڳواڻ ۽ انسان دوست ڌرين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا ۽ ورسي جي موقعي تي اهم فيصلا ڪيا ويندا ته جيئن هارين جي جدوجهد کي سگهاري نموني اڳتي وڌائي سگهجي.