روھڙي (ن پ ا) روهڙي جي ٻيڙي چوڪ واري علائقي ۾ مختيار ڪار آفيس اڳيان واري قبرستان تان قبضا ھٽائڻ لاءِ ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رھيو. ميونسپل جو اينٽي انڪروچمينٽ ۽ روينيو عملو ھيوي مشينري ساڻ ڪري پوليس جي مدد سان قبرستان جي ڀر ۾ رھندڙ سولنگي برادري جا گهر ڊاھڻ لاءِ پھتو ته سولنگي برادري جي سوين ماڻهن عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري انڪروچمينٽ عملي ۽ مشينري جي رستا روڪ ڪندي ٻيڙي چوڪ ڀرسان جي ٽي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف ڇتي ناري بازي ڪئي ڌرڻي دوران روڊ تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ اسسٽنٽ مختيار ڪار ۽ ڊي ايس پي روھڙي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ھڪ ڪلاڪ کان روڊ کولائي ڇڏيو. ان موقعي تي انتظاميا جو چوڻ هو ته آپريشن ھر حال ۾ جاري رکيو ويندو علائقي واسين کي سامان ڪڍڻ لاءِ ھڪ ڏينھن جي مھلت ڏئي رهيا آهيون. ٻئي پاسي متاثرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا آڏو دانھندي چيو آهي ته اسان ابن ڏاڏن جي دور کان اتي ئي ويٺل آھيون اسان وٽ جائين جا ڪاغذات موجود آهن ۽ اسان جا گهر قبرستان جي ايراضي کان ٻاهر آهن پوءِ به اسان جا گهر ڊاهي ۽ اسان کي بي گهر ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناجائزي آهي متاثرين ڪورٽ سڳوري ڪمشنر سکر ايس ڊي ايم۽ مختيار ڪار روھڙي کان مطالبو ڪيو آهي ته پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظرثاني ڪري اسان کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي.