لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل درزي نوجوان انصاف دايو جي آزاديءَ لاءِ سندس وارث ڀينرن پنهنجي ڀاءُ جي آزاديءَ لاءِ نٽهڻ اُس ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري ٽن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي افسانه دايو ۽ اقصيٰ دايو دانهيندي چيو ته ڀاءُ انصاف دايو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ڀاءُ نه هجڻ سبب ڪمائڻ وارو ڪير ناهي، جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.