ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري ۾ فنڪارن جا پاڻ ۾ ويجهن لاڳاپن جون خبرون معمول بڻجي ويا آهن. پر ڪيترائي ڀيرا اهڙيون خبرون ڪنهن جا گهر به خطري ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. اجي ديوگن ۽ هن جي گهر واري سان به ايئن ئي ٿيو جڏهن اجي ديوگن ۽ ڪنگنا رناوت ۾ ويجهڙائپ وڌڻ جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون. سپر هٽ فلم ونس اپون اي ٽائم ان ممبئي جي شوٽنگ دوران اهي خبرون اچڻ لڳيون هيون ته اجي ديوگن ۽ ڪنگنا رناوت ۾ ويجهڙائپ ٿي وئي آهي ۽ جلد ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئون رخ وٺندا، گڏوگڏ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ٻئي اداڪار فلم “تيز” ۽ “راسڪل” ۾ به گڏ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا،