کپرو (ن پ ا) کپرو ويجهو ڳوٺ ڀڙي جي نئين ڪالوني واسڻ عورت شريمتي پوني زال پربو کپرو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سندس 18 ورهين ڌيءَ ريکا کي 3 ڄڻا اغوا ڪري ويا آهن، پوليس موجب اسان رپورٽ داخل ڪئي آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري پاڙي جي نوجوان سان پسند جي شادي لاءِ نڪتي آهي، هوڏانهن پوليس ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي، جنهن جن کي ميڊيا آڏو ظاهر نه ڪيو ويو آهي.