ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽرن تي عورتن پاران ملندڙ رقم مان ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون ويون آهن، تفصيل موجب سٺ ميل گرلز هاءِ اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر ۾ گذريل 4 ڏينهن کان ڊوائيز بند هجڻ سبب عورتون پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳيون آهن، عورتن شڪايتون ڪيون ته ملندڙ رقم مان ايجنٽ غيرقانوني ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، ڦل احساس ڪفالت سينٽر تي ڪٽوتي جون خبرون ھلڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ امتياز علي راڄپر سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ايجنٽن کي پابند ڪيو ته عورتن کي پنهنجو پورو حق ڏنو وڃي، جڏهن ته مٺياڻي ۽ نوان جتوئي ۾ پڻ مستحق عورتن رقم مان ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون، هوڏانهن ٺاروشاھ ۾احساس ڪفالت سينٽر تان پئسن جي ڪٽوتي جي دانهن بعد ايس ايس پي نوشھروفيروز جي حڪم تي درٻيلو جي سينٽر تي ڊي ايس پي ڀريا پوليس ساڻ ڪري سينٽر تي عورتن جي آيل رقم مان ڪٽوتي جي الزام ۾ ڊوائيز هولڊر ساجد ڇنڙ کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.