ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي شھر جي احساس ڪفالت سينٽر تي بدنظمي سبب پيرسن عورت جون 2 آڱريون ڪٽجڻ جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمن ميمڻ نوٽيس ورتو، سندس هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو بيواهه پيرسن عورت صفوران گشڪوري جي گهر پهچي عيادت ڪئي ۽ واقعي بابت معلومات ورتي ۽ مالي سهائتا ڪئي، ان موقعي تي اي سي محمد حسن کوسو ٻڌايو ته جاچ ڪري رهيا آهيون، ملوث انتظاميا خلاف رپورٽ تيار ڪري ڊپٽي ڪمشنر کي پيش ڪئي ويندي، هن چيو ته متاثر عورت کي ڊگهڙي جي پرائيويٽ اسپتال ۾داخل ڪرائي سندس علاج جو خرچ ڀرينداسين.