کپرو (ن پ ا) کپرو  لڳ شادي شدهه عورت سان ٻن جوابدارن جي مبينا جنسي زيادتي، پوليس جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار، خبر موجب کاھي شھر جي رھواسي پورھيت ھيرو ڪولھي جي گھرواري شريمتي ڪستوري هتي ٻڌايو ته ٻن جوابدارن گھر اندر گھڙي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا، متاثر عورت موجب چار ڏينھن اڳ واقعو پيش آيو، اسين واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ کاھي ٿاڻي تي وياسين ته پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، هن چيو ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ موبائيل ۾ تيل وجهرائڻ لاءِ 5 ھزار روپيا به ورتا پر جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، هن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي، ڪير به داد رسي نٿو ڪري، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.