کهڙا/ گمبٽ (نمائندن وٽان) گمبٽ ڀرسان ڊرٻ ميهر شاهه ۾ ڪليري- اڄڻ ڌرين ۾ هلندڙ خوني  تڪرار ۾ ٺاپر نه اچي سگهي. هٿياربندن فائرنگ ڪري 18 سالن جي شهزادوپٽ محمد سومر اڄڻ کي گوليون هڻي قتل ۽ هڪ نوجوان ظهير احمد کي زخمي کي ڪري ڇڏيو. ڌريون مورچابند ٿي ويون. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او کهڙا ۽ ٽنڊو مستي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪليري ۽ اڄڻ برادريءَ جي  ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهي. فائرنگ سبب اڄڻ ڌر جو نوجوان شهزادو اڄڻ گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو ظهير احمد اڄڻ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ گمس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. خوني تڪرار سبب ٻئي ڌريون مورچابند بڻيل آهن ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جاري آهي. فائرنگ ۽ خوني جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. جهيڙي سبب ڊرٻ ميهر شاه ۽ کهڙا شهر مڪمل طور بند ٿي ويا ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين ڏانهن جسقم اڳواڻن پاران ميڙ منٿ وڃڻ جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي.