ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ڌرڻا هنيا، خبر موجب لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن محمد اسحاق مري،  محمد رمضان جتوئي،  آصف ڪلهوڙو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، قمبر ۾ عبدالفتاح گوپانگ، محبوب بگٽي، ميهر علي ڏھوٽ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، موهن جو دڙو ۾ قاضي وسيم جوڻيجو، بخشل ٿهيم، عبدالغني ٿهيم، رحيم بخش جروار، محمد حسن جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ لوئر اسٽاف پاران اظھر ابڙو، ضمير شر ۽ وحيد شر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڀٽ شاهه ۾ ملازمن ارشاد راهو، ميهار فقير ، سليم وساڻ، اياز علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تنبوري چوڪ تي مظاهرو ڪيو، جيڪب آباد ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف پاران غلام رسول سومرو، محمد مراد لغاري، نيڪ محمد چاچڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، نئون ديرو ۾ رجب مڱڻيجو، سڌير کوکر، شمشاد ميراڻي، ڪليم الله ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھدادپور ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف مطالبن جي مڃتا لاءِ اقبال ڪلهوڙو، يونس راجپوت، دلشاد راجپوت، خليق ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، قاضي احمد ۾ ملازمن اصغر بالادي، اشرف ڏاهري، علي محمد چنا، ارشد دائودي، قلندر بخش زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، خيرپورناٿن شاهه ۾ رياض لغاري، ممتاز لغاري، رياض پنهور ۽ عبدالوهاب ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.