کورواھ (ن پ ا) ڏھاڙيدار مزدورن پاران اجرت نه وڌائڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري پريس ڪلب کورواھ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي  ڪئي. غلام مصطفيٰ خاصخيلي، اظھار حيدري، حنيف چنا،صديق خاصخيلي ۽ ٻين دانهيو ته ھن ھيڏي مھانگائي جي دور ۾ مزدور کي صرف چار سئو ڏھاڙي ملي ٿي ھنن چيو ته ٻين شھرن ۾ مزدور جي ڏھاڙي 8 سئو کان ھزار تائين آھي پر اسانکي چار سئو ملن ٿا جيڪا سراسر ناانصافي آھي هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مزدورن جي ڏھاڙي وڌائي وڃي.