ڀارت ۾ گستاخ بيانن خلاف احتجاج، 255 مظاھرين گرفتار، گھر ڊاھڻ جو سلسلو جاري

0
290
عالمي برادري ڀارت ۾

اسلام آباد: انڊيا جي سڀ کان وڏي رياست اتر پرديش ۾ گستاخ بيانن خلاف مظاھرن بعد مظاھرين جي گرفتارين ۽ سندن گھر ڊاھڻ جو سلسلو جاري آھي

 پاڪستان طرفان ڀارت ۾ گستاخ بيانن خلاف احتجاج ڪندڙ مسلمانن تي بدترين ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آھي

 پرڏيهي کي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي مسلمان بي جي پي اڳواڻن جي شرپسند بيانن خلاف احتجاج ڪيو ته پوليس مٿن فائرنگ ڪري ڏني

ڀارتي سرڪارمسلمانن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو، ڀارت جي رياستي تشدد ۽ فائرنگ سبب 2 مسلمان حياتي وڃائي ويٺا، 227 مسلمانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

 عالمي برادري ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪري، ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا خلاف قدم کنيا وڃن، ڀارتي مسلمانن کي مذهبي آزادي ڏيارڻ سڀني جي ذميواري آهي

ٻئي پاسي پرڏيھي ميڊيا موجب انڊيا جي سڀ کان وڏي رياست اتر پرديش ۾ گستاخ بيانن خلاف مظاھرن بعد مظاھرين جي گرفتارين ۽ سندن گھر ڊاھڻ جو سلسلو جاري آھي

اتر پرديش ۾ مجموعي طور تي 255 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جن ۾ فيروز آباد مان 13، علي ڳڙھ مان ٽي، ھاتھرس ۾ 50، مراد آباد مان 27، امبيڊڪر نگر مان 28، سھارنپور ۾ 64 ۽ الھ آباد ۾ 68 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي