ڏهرڪي (ن پ ا ) ڳوٺ عالم شر ۾ هٿياربندن گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي، هڪ عورت الهوڌائي لنڊ ۽ اصغر عرف بجر لنڊ زخمي ٿي پيا، جن کي ڏهرڪي اسپتال آندو ويو، زخمي اصغر لنڊ ٻڌايو ته اسان عورتن سميت شر برادري جي ڳوٺ ۾ عذر خواهي تي ويل هئاسين ته واپسي تي عالم شر شفيع شر ۽ ٻين اسان جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ مان ۽ الهوڌائي زخمي ٿي پيا سين،اسان جو ٺاهه به ٿيل آھي پر تنهن هوندي شرن اڳرائي ڪري اسان تي حملو ڪيو آھي. ياد رهي ته لنڊ شر خوني تڪرار ۾ 17 انساني جانيون ضايع ٿيون هيون، جنهن جو جرڳو 6 سال اڳ ٿي چڪو آھي، واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ٻيهر رتوڇاڻ جو خطرو وڌي ويو، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي کينجهو پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو گرفتار به ڪيا آھن.