ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ جامن شاهه ڳوٺ ۾ گھر جي ڇت ڪري پئي، ڪمري ۾ ستل ھڪ عورت فوت ٻي زخمي، ميرپورخاص لڳ جامن شاهه ڳوٺ ۾ سيد غلام مرتضي’ شاهه جي گھر جي ھڪ ڪمري جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي ڪمري ۾ ستل ھڪ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته ٻي عورت زخمي ٿي پئي. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي ناري جو علاج ھلندڙ آھي ۽ فوتي عورت جي لاش کي ضروري ڪاررواين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش ڳوٺ روانو ڪيو ويو مڙهه گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.