ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ سياسي سماجي ڌريون جاڳي پيون، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان هڪ مقامي هوٽل تي اي پي سي سڏائي وئي جنهن مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن سميت هندو پنچائت، اديبن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اي پي سي ۾ آيل اڳواڻن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن تڪ جي عوام کي ٻيون ته سهولتون ناهن ڏنيون پر اسپتالون به ريفر سينٽر بڻيل آھن، تازو ئي ماڙي پيٽروليم ڪمپني طرفان گهوٽڪي ضلعي لاءِ سوشل ويلفيئر ۽ بونس فنڊ جي مد ۾ ساڍا ٽي ارب رپيا سنڌ حڪومت وٽ گهوٽڪي ضلعي جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنا آھن ۽ ٻيا صنعتي ادارا فنڊ ته ڏين ٿا پر علائقي ۾ رپيو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي. آل پارٽيز ۾ اڳواڻن حاتن خان شر، ڄام فتاح سميجو، مکي انيل ڪمار، ميان شفيق احمد، وڪيل سليم اختر، غلام رسول مهر، محمد دين راڄڙي، ميان رفيق ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهائيندي اعلان ڪيو ته جمعي جي ڏينهن ڏهرڪي ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن مطالبن جي مڃتا جي گهر ڪنداسين، آخر ۾ اڳواڻن چيو ته اسان وٽ وڏي بدقسمتي اها آھي جو اسان هڪ پليٽ فارم تي نه ٿا بيهي سگهون تحريڪن ۾ به سياسي ڌڙن جا ماڻهو اچي ٿا وڃن جنهن ڪري اسان ڇڙوڇڙ ٿي وڃون، اسان لاءِ اهي سياسي ڌڙا ناسور بڻيل آھي، اسان کي ڌڙا بندي کي هٽي ڪري شهر جي ڀلائي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. اي پي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جمعي ڏينهن شهري مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.