نئون ديرو (ن پ ا) ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن 16 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف مختيار ٽڳڙ، مير محمد سومرو، علي حسن تنيو، رياض مهر، اورنگزيب چنو، هدايت الله ابڙو، امداد ميراڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار ڪورونا وائرس سبب بند هجڻ ڪري داخلي گيٽ ٻاهران شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ميونسپل جي 368 ملازمن جون پگهارون بند آهن. ام اڪرام الله ڌاريجو، ايم اين اي محمد بخش مهر جي گهرن ڏانهن پاڪ ڪتاب کڻي وياسين پر هنن کي رحم نه آيو. مجبور ٿي شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي دانهن ڏيڻ پهتا آهيون، شايد اتان ڪيل دانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ڪنن تي پهچي ۽ هو فوري نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت کان پڇاڻو ڪري ته گهوٽڪي جي ملازمن کي پگهارون ڇو ڪو نه پيون ڏنيون وڃن؟ هنن مطالبو ڪيو ته رهيل سموريون پگهارون جاري ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.