اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سينيئر سول جج فيملي ڪورٽ قدرت الله اڳوڻي قانون واري وفاقي وزير وسيع ظفر جي پٽ وقار وصي کي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه عدالت آڏو وقار وسيع جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائي رهيا آهيون، جڏهن ته وقار وصي جي اڳوڻي گهرواري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن عدالت 20 مارچ 2018ع تي طلاق ٿيڻ کان پوءِ سندس ڏاج واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي هن عمل نه ڪيو، سامان واپس نه موڪلڻ جو مناسب جواب به نه پيش ڪري سگهيو آهي، ان ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن کان پوءِ عدالت وقار وصي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس هڪ سال جي سزا ٻڌائي ڇڏي. هوڏانهن عدالت جي اهڙي حڪم بعد وقار وصي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.