بغداد (م ڊ) عراقي فوج داعش جي اهم ڪمانڊر سميع جاسم کي گرفتار ڪري ورتو. عراقي وزيراعظم جي ٽوئيٽر تي جاري بيان موجب عراق جي فوج داعش جي اهم ڪمانڊر سميع جاسم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. خيبر ايجنسي موجب سميع جاسم داعش جي مارجي ويل ڪمانڊر ابوبڪر البغدادي جو نائب، گروپ فنانس جو انچارج آهي. ياد رهي ته آمريڪا طرفان داعش جي ڪمانڊر سميع جاسم جي گرفتاري لاءِ 5 ملين ڊالرن تائين جي انعام ڏيڻ جو اعلان ٿيل آهي.