فوتي ڪوٽا تي نوڪريون ڏيڻ جو قانون عجيب آھي:چيف جسٽس

0
458
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ فوتي ملازم جَي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ جو قانون عجيب آهي، ائين نٿو ٿي سگهي تھ پيءُ جي فوت ٿيڻ بعد سندس پٽ ڀرتي ٿي وڃي، سپريم ڪورٽ طرفان سروس دوران فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جَي ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ويا.

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اي ايس آءِ جو پٽ چئي ٿو مونکي ڊائريڪٽ ڊي ايس پي مقرر ڪيو، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ريمارڪس ڏنا ته شروعاتي طور تي اهو قانون پوليس ۽ ٻين شهيدن لاءِ هو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وزير اعظم پيڪيج 2005 کان لاڳو  ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سرڪاري آفيسون وراثت ۾ ملڻ واري شئي ناهي، عدالت فوتي ملازم جي پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت سميت چئني صوبن کان سرڪاري گهرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت سميت چئني صوبن کان سرڪاري گهرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت رڳو ڪراچي جي رهائشگاهن جا تفصيل جمع ڪرايا، صوبائي حڪومت کي ٻين ضلعن ۾ موجود سرڪاري رهائشگاهن جا تفصيل به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ بلوچستان حڪومت ۽ سي ڊي اي کان به سرڪاري رهائشگاهن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آھن.

ھي به پڙھندا

چيف جسٽس پاران سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي 30 هزار خالي جاين تي ڪاوڙ