ڌاٻيجي: بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون، ڪراچي جو پاڻي بند

0
655

ڌاٻيجي (ن پ ا) سنڌ جي راج ڌاني شھر ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ واٽر بورڊ جي سب کان وڏي پمپنگ اسٽيشن بجلي جي ڊگھي بريڪ ڊائون سبب مڪمل بند ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ 5 نمبر لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، لائن ڦاٽڻ سبب پمپ ھائوس بند ٿيڻ سبب ڪروڙين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو، واٽر بورڊ جو چوڻ آهي سڀاڻي تائين پاڻي جي مڪمل سپلاءِ بحال ٿي ويندي، بجلي بحال ٿيڻ تي سپلاءِ به ٻيھر بحال ڪئي ويندي ۽ ڦاٽل لائٔن جو ڪم پاڻي نڪرڻ بعد شروع ڪيو ويندو .