جيڪب آباد:پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، ڌرڻو

0
462

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ۾ پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، مارجي ويل بختيار جکراڻي جي وارثن پاران مقتول جو لاش قومي شاهراهه تي شهيد الله بخش سومرو پارڪ وٽ رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي نوجوانن جي فائرنگ ڪئي آھي، ھڪ نوجوان بختيار جکراڻي موقعي تي قتل ٿي ويو آھي ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو آھي، جڏھن تھ محمد شير بھ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، مقتولن جي وارثن جو ڌرڻو جاري آھي، مظاھرين جو چوڻ آھي تھ جستائين واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو ڌرڻو جاري رهندو.