ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لطيف شناسي

0
67
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لطيف شناسي

 “شاهه لطيف جي شاعري” ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو لکيل ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڪل ٻارهن تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڏنل بيتن جي ترتيب شاهواڻيءَ جي رسالي جي آهي. ڏنگيءَ ۾ سُر جو نالو، ۽ بيت جي ترتيب جو نمبر ڏنل آهي. هيٺ مقالن جو الڳ الڳ جائزو ڏجي ٿو.

“شاهه جي شاعري جو ادبي پسمنظر”:

هن مقالي ۾ ليکڪ شاهه جي شاعريءَ جي ادبي پسمنظر کي سمجهائڻ لاءِ چار اهم ڌارائون ڄاڻايون آهن. سڄي مقالي مطابق، ڀٽ ڌڻيءَ کي عربي ۽ مذهبي ڪتابن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي شاعريءَ جي ڄاڻ هئي ته فارسي صوفيانه شاعريءَ جي اڀياس کان سواءِ هندي ادبي تحريڪن ۽ اهم شاعرن جي ڪلام جي پڻ مڪمل آگهي هئي پر گڏوگڏ پاڻ سنڌ جي ماحول ۽ مزاج مطابق، پنهنجو هڪ منفرد اسلوب گهڙيائون، جيڪو اڄ به آب و تاب سان قائم آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي پسمنظر:

هن ۾ ننڍي کنڊ جي سياسي ۽ تاريخي پسمنظر سان ايشيا ۾ صوفي ازم جي تحريڪن، تصوف جي نظرين، “وحدت الوجود” ۽ “وحدت الشهود” جي نظرين کي بيان ڪيو ويو آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر:

ٽيهن صفحن جي هن مقالي ۾ ليکڪ اهو سمجهايو آهي ته: ”ڪنهن به ليکڪ يا شاعر جي وقت جا سماجي يا اخلاقي قدر ئي سندس لکتن جا آئينه دار هُجن ٿا. سماج جون تبديليون سندن ذهانت Intellectuality جو سبب بنبيون آهن.

شاهه لطيف جي عوامي شاعري:

هن ۾ ڊاڪٽر تنوير ڄاڻايو آهي ته شاهه ڀٽائيءَ جيڪي ٻين ٻولين جا لفظ ڪلام ۾ استعمال ڪيا آهن، سي سڀ سنڌي ٻوليءَ ۾ جذب ٿي ويل ۽ عوامي لهجي سان اٿلايل آهن. مثلاً: دوست کي دوس، بغير کي بگر، سفيد کي سپيت، جهاز کي جهاج، طاقت کي ڪاڪت، ذوق کي جونڪ، زور کي جور وغيره. عوام جن ڌنڌن ۽ ڪرت سان لاڳاپيل آهن، سنگهارن، کاهوڙين، مهاڻن ۽ ٻين عوامي ڪردارن جي زندگين جا لفظ استعمال ڪيا اٿن. مطلب ته هر عام شخص جي زندگيءَ جي ترجمان شاعري آهي، جنهن ۾ عوامي زندگيءَ جا عڪس چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقي:

هن ۾ ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته، “شاهه جي شاعري ۾ موسيقيءَ جو عنصر ڏاڍو نمايان آهي. هن نه فقط تجنيس حرفيءَ کان ڪم ورتو آهي پر ڪيتريون ئي گوناگون ترڪيبون استعمال ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ نغمگيءَ جو اثر پيدا ڪيو اٿن. انهيءَ ۾ ٻٽو قافيو، اندروني قافيو، حرف صحيح جو ورجاءُ، حرف علت جو ورجاءُ، آواز جي معنيٰ سان هم آهنگي ۽ خالص معنوي موسيقي، اهي سڀ ڳالهيون آهن، جيڪي لطيف کي عظيم شاعر بنائين ٿيون. حقيقت ۾ شاهه جي ڪلام ۾ لفظن جو جڙاءُ، اچارن جي سونهن ۽ خوبصورت ٻول پڻ شاعريءَ ۾ موسيقيت کي ڄاڻائين ٿا.

شاهه لطيف جي عڪسي شاعري:

هن ۾ ليکڪ عڪس ۽ شاعريءَ جو ڳانڍاپو اهم قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر تنوير موجب، شاعريءَ جو مضبوط عڪس تخليق ڪرڻ سان، شاعر جي شاعراڻي ڏات بکندي آهي. ۽ سندس فن پڻ امر ٿي ويندو آهي. مضبوط تاثر مڪمل تصور سان محسوس ٿيڻ ئي شاعر جو ڪمال آهي. ڏيهي ۽ پرڏيهي حوالن ۽ شاهه جي بيتن سان موضوع کي مدلل بڻائي پيش ڪيو اٿن. لکن ٿا ته: “شاهه لطيف جي شاعري، ڪتابن جي مطالعي بدران فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي، ان ڪري ئي سندس شاعري عڪسن سان ڀري پيئي آهي”.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس:

هن مقالي ۾ ڊاڪٽر تنوير، شاهه جي ڪلام ۾ ذڪر ڪيل رنگن جي اهميت ۽ اثرن کي بيتن جي حوالي سان مثال ڏيئي سمجهايو آهي، رسالي ۾ 90 بيتن ۾ ڳاڙهي رنگ کي ۽ 32 بيتن ۾ ڪاري رنگ کي ذڪر ڪيو ويو آهي، انهيءَ کان سواءِ اڇو، سائو، سنهري، خاڪي، گيڙو ۽ ٻيا رنگ ذڪر ڪيل آهن…. شاعر ۽ مصور جن رنگن کي وڌيڪ استعمال ڪري ٿو، اهي نه فقط ان جي سوچ ڏي اشارو ڪن ٿا پر سندس نفسياتي ڪيفيت ۽ ذهني لاڙن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا”.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اچار:

هن ۾ گرامر جي لحاظ کان شاعري پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي اصول کي نوجوان نسل لاءِ کولي بيان ڪيو ويو آهي ته اُچار تي زور يا Stress ڏيڻ سان ڪيئن لفظ جي نغمگي ۽ موسيقيت وڌي ٿي. هن موضوع کي تنوير صاحب سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جا مثال ڏيئي سمجهايو آهي.

ساڄن، سونهن سُرت

هتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون،

ساڄن، سونهن سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.

مٿيئن بيتن جي روشنيءَ ۾ هيءُ هڪ، مختصر مضمون آهي، جنهن ۾ ليکڪ اهو ڄاڻايو آهي ته شاهه سائينءَ جي ماڳ جو تصور ساڄن، سونهن، سُرت يعني. Wisdom, Beauty & Love آهي، ۽ هتان کڻي هت رکڻ مان مطلب ته هو سماجي ارتقا ۽ اوسر ۾ تبديليءَ جو هڪ سُڄاڻ شاعر وانگر خواهشمند آهي.

سُرگهاتو جو اڀياس:

ڊاڪٽر تنوير موجب سر گهاتو جي معذور ۽ جڏي سورمي کي شاهه سائين عملي جدوجهد جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي. گهاتوءَ جو موضوع شاهه کان اڳ ۾ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ٻن بيتن جي صورت ملي ٿو. پر باقاعدي 17 بيتن ۽ وائيءَ تي مشتمل “سرگهاتو” شاهه جي رسالي ۾ ملي ٿو. هن سر جي سورمي مورڙي جو نالو سر گهاتو ۾ ڪٿي به نه آيو آهي. پر سندس عقل، سمجهه، عملي جدوجهد ۽ بُري تي بڇ سُر گهاتو جا اهم نڪتا آهن.

“شاهه لطيف جي شاعري”، لطيفيات جي ڀاڱي ۾ هڪ اهم تحقيقي تصنيف آهي. ٻولي پختي، سليس، شانائتي، عام فهم، ادبي ۽ علمي آهي، ڪتاب ۾ بيهڪ جون نشانيون جملن جي ترتيب ۽ بياني اسلوب وڻندڙ آهي. انگريزي لفظ سنڌي معنيٰ سان، گڏ ڪتب آندل آهن، جيڪي ڏنگين ۾ ڏنل آهن. جنهن جي ڪري ٻوليءَ جي ادبي سونهن قائم رهي آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تنوير شاهه صاحب کي تقدير پرست ڄاڻايو آهي. لکن ٿا ته، “شاهه جي شاعريءَ تي تقدير پسندائي ماحول جو اثر هو”. مٿيئن نقطي جي وضاحت لاءِ ليکڪ چار بيت، سر سهڻي، معذوري، مارئي ۽ ڏهر مان ڏنا آهن. منهنجي نظريي مطابق شاهه صاحب تقدير پرستيءَ سان گڏ تدبير جو پڻ قائل هو.

“جهڙا اچن ڏينهنڙا، تهڙا ويٺي گهار”

تڏهن اهو به چوي ٿو ته، قسمت سان مقابلو ڪريو.

جي گهڙيا سي چڙهيا، اينئن اٿيئي.

ٻيو ڊاڪٽر تنوير 75 صفحي تي لکيو آهي ته، شاهه سائين ملان ۽ موذيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به بد دعا نه ڏني آهي، بلڪه رقيب ۽ حاسد کي به دعا ڏني اٿن:

الا!کر جيئن، مدي، جن جي من ۾.

منهنجي خيال موجب ته پورو بيت ڏسجي ته دُعا سان گڏ بدعا به شامل آهي.

الا! کر جيئن، مَدِي، جن جي من ۾،

اسان ۽ پرينءَ جون، اميدون پسن،

تهان پوءِ مرن، سڙي ان سور ۾.

معنيٰ ته حاسد ۽ ساڙو شخص ڀلي زنده رهي، منهنجي ۽ محبوب جي ميلاپ کان پوءِ ساڙ ۾ سڙي مري.  حاسد، رقيب ۽ انسانيت جي دشمن کي، شاهه سائين دعا ڏيئي نٿو سگهي. تڏهن ته چيو اٿن، “کر کي کپر کائي، نانگ مڻيارو نڪري“.تنوير صاحب جديد شاعريءَ جو باني هئڻ سان شاهه جي ڪلام کي نئين سائنسي سوچ سان پرکيو ۽ پروڙيو آهي. هڪ شاعر هئڻ جي حيثيت سان شاعراڻو تجزيو ڪيو آهي. مقالن جا موضوع نوان ۽ منجهن دليلن جا موقف مضبوط ۽ چٽا آهن. شاهه لطيف جي شاعري هڪ منفرد ۽ اعليٰ تحقيقي ڪتاب آهي.