نه بدليو ڪو نظام هن ملڪ جو، باقي بدن بدليا

0
51
نه بدليو ڪو نظام هن ملڪ جو، باقي بدن بدليا

 پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن اٺين فيبروري 2024ع تي رٿيل آهي. ان لاءِ نامزدگي فارم ڀرجي چڪا آهن. انهن جي جاچ پڙتال به ٿي چڪي آهي. هي 1947ع کان وٺي هن ملڪ جي تيرهين چونڊ آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جون ٽوٽل 336 سيٽون آهن. قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 169 سيٽون ضروري آهن. اليڪشن جي ميدان تي هن وقت مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام، استحڪام پاڪستان پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف کان علاوه آزاد اميدوار ۽ ٻيون ڪيئي پارٽيون حصو وٺي رهيون آهن. هر پارٽي پنهنجي اليڪشن ورڪ ۾ مصروف آهي ۽ عوام سان زباني ڪلامي وڏا واعدا ۽ اقرار ڪري رهيون آهن پر لکت ۾ هن وقت تائين ڪنهن جو به منشور شايع نه ٿيو آهي (بلاول ڀٽو زرداري به رڳو اعلان ڪيو آهي) ۽ نه ئي ان تي ڪو بحث ٿي رهيو آهي ته حصو وٺندڙ پارٽي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ عوام لاءِ عملي طور ڇا ڪندي. سڀ رڳو وات ٺڪاڻي پيا ڪن ۽ هڪٻئي تي  تنقيدن جا تير وسائي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ زور آزمائي پيا ڪن. ڪهڙي پارٽي ان زور آزمائي ۾ ڪامياب ٿيندي، اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، ڇو ته هر پارٽي پنهنجي ڪاميابي جي دعويدار آهي ۽ اصل خبر تڏهن پوندي، جڏهن اليڪشن جي نتيجي جو اعلان ٿيندو پر اسان جي ملڪ جي اليڪشني تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته هر اليڪشن ٿيڻ کان پهريان ۽ پوءِ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن. اهو به چيو ويندو آهي ته جيڪا پارٽي حڪومت ٺاهي ٿي، اها عوامي ووٽ سان نه، بلڪه حرفت سان آندي وئي آهي ۽ پوءِ الزامن جو هڪ ڊگهو دور شروع ٿئي ٿو ۽ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿي. پوءِ يا ته مارشلا لڳي ٿي يا وري اليڪشن وسيلي ٻي حڪومت اچي ٿي. اهو سلسلو هن ملڪ ۾ پوين مُني صديءَ کان هلندو رهي ٿو. وچ ۾ نگرانن جو دور به ايندو رهيو آهي، جيڪو آئين موجب هوندو ته ٽن مهينن لاءِ آهي پر اسان وٽ ان جو مدو وڌائي به سگهجي ٿو، جيئن موجوده نگرانن جو دور هلي پيو.

هن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومت هوندي پنجن سالن جي مدي تائين آهي پر اعتبار نه هوندو آهي ته اها حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي يا ڪونه! ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي خوشنصيب رهي آهي، جو کيس سنڌ ۾ لاڳيتو 15 سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. سنڌ ۾ پوين پندرهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت نه پر بادشاهي رهي آهي. هو سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ رهيا. 1947ع کانپوءِ سنڌ ۾ لاڳيتو 15 سال حڪومت ڪرڻ جو رڪارڊ هن پارٽي وٽ رهيو آهي. ان وقت ۾ هن پارٽي سنڌ لاءِ ڇا ڪيو، ان جو فيصلو ته عوام ئي بهتر انداز ۾ ڪري سگهي ٿو، جنهن کان هِي پارٽي ووٽ وٺڻ لاءِ زور لڳائي رهي آهي ۽ ساڻن وڏا واعدا ڪري رهي رهي آهي ته هو اقتدار ۾ اچي سنڌ لاءِ ڇا ڪندا؟ ان لاءِ ضروري آهي ته سندن پوين 15 سالن جي ڪارڪردگي تي هڪ نظر ڦيرايون.17 آگسٽ 2023ع تي سنڌ سرڪار پنهنجو پنجن سالن جو مدو پورو ڪيو. ان کانپوءِ نگران حڪومت آئي، جيڪا چونڊن ٿيڻ تائين رهڻي آهي. سنڌ صوبي جي سالياني بجيٽ 2008ع کان وٺي 2023ع تائين سراسري طور ٻه هزار ارب روپيا رهي آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ تي 15 سال حڪومت ڪئي. ان حساب سان سنڌ حڪومت 30 هزار ارب روپيا خرچ ڪيا آهن. اهي پيسا ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿيا ۽ ڪيترا واپس وفاق ڏانهن موٽي ويا، انهن جو نتيجو ڪهڙو نڪتو، تنهن جو ڪو جواب ناهي. سنڌ ۾ 30 ضلعا، 150 تعلقا، 1100 يونين ڪائونسلون ۽ 40 ننڍا وڏا شهر آهن. سنڌ جي سالياني 2 هزار ارب روپين جي بجيٽ مان رڳو هڪ ارب رپيا ساليانو هڪ ضلعي تي ايمانداري سان خرچ ٿين ها ته سنڌ جي هر ضلعي جا بنيادي مسئلا حل ٿي وڃن ها، جنهن ۾ تعليم، صحت، هنري اسڪول، روڊ رستا، گندي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست، پارڪ، امن امان ۽ ننڍي پيماني تي ڪارخانا لڳي پئي سگهيا، ڇو ته هڪ ئي پارٽي جي گورنمينٽ هئي، جنهن ڪري سندن پاليسي ۾ ڪا رنڊڪ نه هجي ها پر اسان ڏٺو ته سنڌ ۾ ان عرصي ۾ ڪوبه پائيدار ۽ ڳڻپ جوڳو ڪم نه ٿي سگهيو، سواءِ دل جي بيمارين جي خاتمي واري اسپتال جي ڪجھ يونٽن جي، جن جو هو بار بار پنهنجي تقريرن ۾ ذڪر ڪندا رهن ٿا. جنهن پيپلزپارٽي جي حڪومت 2 هزار ارب روپين جي سالياني بجيٽ هوندي سنڌ ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرايو، ان پارٽي جو اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ جي پندرهين ورسي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ خطاب ڪندي فرمائي ٿو ته، “سنڌ واسيو! جيڪڏهن هن ڀيري اوهان مونکي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو ته مان هي ڪم ڪندس:

1) اسان ٻارن کي بهترين تعليم ڏينداسين.

2) اسان ماڻهن کي مفت طبي سهولتون ڏينداسين.

3) اسان غريب ماڻهن کي 300 يونٽ ماھوار مفت بجلي ڏينداسين.

4) ڪچين آبادين کي پڪو ڪري اتان جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏينداسين.

5) اسان 30 لک غريب ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏينداسين.

6) اسان ملازمن جون پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين.

7) اسان هارين ۽ مزدورن جي بينظير ڪارڊ وسيلي مالي مدد ڪنداسين.

8) اسان ملڪ جي ستر سيڪڙو نوجوانن جي هڪ سال تائين مالي امداد ڪنداسين.

9) سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ يوٿ سينٽر ٺاهي نوجوانن کي جديد تعليم سان گڏ هنرمند ڪنداسين.

10) اسان غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين.

انهن سڀني ڪمن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان مونکي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو.”

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ۾ پوين 15 سالن جي ڪنهن جي شرڪت کان سواءِ جيڪا سندن بادشاهي رهي، ان ۾ ته هنن ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو، سي هاڻي ڪهڙو انقلاب آڻيندا! جن سنڌ جي 200 هزار روپين جي سالياني بجيٽ مان پنج سئو ارب به ايمانداري ۽ فضيلت سان سنڌ تي خرچ نه ڪيا، تن مان ڪهڙي اميد رکجي ته هو ايندڙ وقت ۾ جڏهن اقتدار ۾ ايندا ته پنجن سالن ۾ مٿي ڄاڻايل سمورا ڪم جيڪي بلاول صاحب پنهنجي تقرير ۾ فرمايا آهن، سي ڪيئن ٿيندا. جيڪڏهن هنن جا ارادا نيڪ هجن ها ۽ هنن کي عوام جي ڳڻتي هجي ها ته هو 15 سالن جي لاڳيتو حڪومت ۾ سنڌ کي خوشحال بڻائي پئي سگهيا، پوءِ ته کين اليڪشن مهم ۾ ايتري تڪليف به ڪرڻي نه پوي ها پر جيئن ته اسان وٽ ڪو پڇاڻو ڪونهي، تنهن ڪري حاڪمن کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪن ٿا، ڇو جو کين پڪ آهي ته سنڌ جو ڏتڙيل عوام هنن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي نوجوانن کي اهو سوچڻو پوندو ته هو پنهنجي مستقبل جون واڳون ڪهڙي ڌر کي سونپين ٿا ۽ ٻيو اهم سوال اهو به آهي ته اهڙي جمهوريت جو فائدو ڪهڙو، جنهن ۾ رڳو ووٽ وجهڻ جي پريڪٽس ٿئي ۽ ان کان پوءِ ايندڙ حڪومت جو وهنوار عوامي خدمت بدران ان ئي عوام مٿان بادشاهي ڪرڻ هجي ۽ حڪومت کان ڪوبه پڇاڻو نه ٿئي، نه ئي سندن ڪارڪردگي تي ڪو ڳالهائڻ وارو هجي.

ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي ته قيدي پاڻ مٿان جيلر جي چونڊ ڪن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي آزاد ٿي ويا. پاڻ واري جمهوريت ۾ مظلوم کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت هوندي آهي ته هو پاڻ مٿان ظلم ڪندڙ جي پاڻ چونڊ ڪري ته کيس ڪنهن کان مستقل ۾ مقتول ٿيڻو آهي. ڪامريڊ چي گويرا صحيح چيو هو ته سرمائيداري جمهوريت ۾ رڳو مظلومن کي لٽيندڙن جا مهانڊا مٽبا آهن، ظلم ساڳيو رهندو آهي..!!