طنز و مزاح … آڱرين جي عروجَ جو دور آهي

0
57
طنز و مزاح ... آڱرين جي عروجَ جو دور آهي

 ماڻهو جي ذهني عروجَ زوالَ جو دورُ  ته ايندو ويندو رهندو آهي، پر جسماني عروجَ زوالَ جو دورُ به ايندو ويندو آهي. اوھان ذهني عروجُ زوالُ ته گهڻو ڏٺو هوندو، پر ان ڀيٽَ ۾ جسماني عروجُ يا زوالُ گهٽِ ڏٺو هوندو. اهڙو ڪو موضوع کُلندو ته ذهن گهوماٽيون ماضي ڏانهن کائيندو يا حالَ ڏانهن (باقي مسقبل اسان جو گهڻي ڀاڱي خدا تي ڇڏيل هوندو آهي) ماضي ۾ جسماني عروجَ بابت تاريخَ ڇا ٿي چوي، اهو ڪئلينڊر ۾ ڏسي وٺجو. حالَ جو حالُ اهو آهي ته شادي شده مرد چوندو زبان جي عروجَ جو دور آهي، ۽ شادي شده عورتَ ڪونه چوندي ته ڪنن جي عروجَ جو دورُ آهي. پر درِ حقيقت، دورِ حاضرُ آڱرين جي عروجَ جو دور آهي.

                 آڱرين بابت ننڍپڻ کان ڪيترائي مشهور قصا، ڪهاڻيون، پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌندا اچون، پر ڪجهه سالن ۾ جيڪا ترقي آڱريَن ڪئي آهي، ان جو اڳ ڪٿي به ڪو مثال نٿو ملي. اڳ ٻڌندا هئاسين ته ماڻهو ماڻهن جي ڪردارَ تي آڱريون کڻندا آهن، يا ماڻهو ماڻهن کي آڱرين تي نچائيندا آهن، يا ته آڱر اُڀي ڪندا آهن. سوچيندا هئاسين ته ماڻهو آڱرين تي ڪيئن نچندا آهنِ؟ يا ڪردارَن ڏانهن زبانون چورڻ بجاءِ آڱريون چورڻ وارو فلسفو ڇا آهي؟ انٽرنيٽ- ميڊيا اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اهو سڀ ڪيئن ٿيندو آهي، ڇا ڪيئن ٿيندو آهي. اهو پوءِ، پهرين اِهو ته آڱرين جي عروجَ جي هن دورَ جو فائدو گهڻو ڪير ڪمائي رهيو آهي؟ سٺا خراب ماڻهو ته هر سماج، هر طبقي جو حصو هوندا آهن پر جديد ٽيڪنالاجي جو جيترو تڪڙو فائدو منفي سوچ جي ماڻهن ورتو آهي/وٺي رهيو آهي، ايترو مثبت سوچ وارو ماڻهو ناهي وٺي سگهيو.

آڱرين جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انٽرنيٽ ۽ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو اثر گهڻي ڀاڱي سياست، ادب، آرٽ تي پيو آهي. هاڻي ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ کي باقاعده آڱرين تي نچائڻ يا ڪردارن تي آڱريون کڻڻ چند سيڪنڊ جو کيل بڻجي ويو آهي. اڳ زبانون ڳالهائينديون هيون، هاڻي آڱريون ڳالهائينديون آهن. زبانن وارو ڪم جڏهن کان آڱرين کان وٺڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، خاموشي ۾ شور جو طوفان تڏهن کان روان دوان آهي. هاڻي ڪير به، ڪٿي به، ڪنهن به وقت، ڪنهن جي به ڪردار کي هڪ آڱر جي دٻاءُ سان چند سيڪنڊ ۾ ميرو ڪري سگهي ٿو. هاڻي بيشڪ ايئن نٿو چئجي ته زبان سنڀالي ڳالهائي، پر ايئن چئجي ٿو آڱر سنڀالي کڻ، ڇو ته هيءُ ڪردارن تي آڱريون کڻڻ جو دور آهي، هاڻي ماڻهو ماڻهوءَ کي وڏي ڌام ڌوم سان آڱرين تي نچائي رهيو آهي. آڱرين پنهنجي جوهرَ سان داناءَ ديوانا ڪري ڇڏيا آهن، فقير ۽ گداگر بادشاهه ڪري ڇڏيا آهن، ڳالهائو خاموش ڪري ڇڏيا آهن. ماٺيڻن مسيتيون ٻارڻ شروع ڪيون آهن. هڪ آڱر کڻ ته فرش کان عرش تي، عرش کان فرش تي پهچي وڃُ. زبانن کي لغامن بجاءِ آڱرين کي لغامنِ جي ضرورت پئجي رهي آهي. هاڻي ماڻهو ماڻهن جي زبانن کان نه، آڱرين کان ڊڄندا آهن. آڱرين جي عروجَ جي هن دور ۾ زبانون واتن جون قيدي ٿي ويون آهن. هاڻي جيترا واتَ ايتريون ڳالهايون ناهن، جيتريون آڱريون ايتريون ڳالهيون آهن. هڪ ماڻهو جي وات ۾ هڪ زبان هوندي. دنيا عذاب بڻيل هئي، هاڻي ته هڪ هڪ ماڻهو وٽ ڏھ ڏھ آڱريون آهن. ماڻهن ۽ کوهن جا واتَ نٿي بند ٿيا ته  ماڻهن جي آڱرين سان کوٽيل کوھَ ڪيئن بند ڪجن؟ تلوارن جا زخم ڀرجي ويندا هئا پر زبانن جا زخم ڪونه ڀربا هئا، ته آڱرين جا زخمَ ڪيئن ڀرجنِ!

آڱرين جي عروجَ جي هن دور ۾ ماڻهو ماڻهو اڳيان الف اگهاڙو ٿي بيٺو آهي، ڪنهن جون آڱريون پنهنجا ته ڪنهن جون ٻين جا لباس لاهڻ ۾ مصروف آهن. آڱرين جي حرڪتن ڪردارن، نظرين، نيتن، سوچن تان اونها تھ لاهي ڇڏيا آهن. زبانن جي بهتر استعمال کان وڌِ آڱرين جي بهتر استعمال جو فن سکڻ جي ضرورت آهي. اوھان اسان جي آڱر جو هڪ اشارو ڏينهن مان راتِ، راتِ مان ڏينهن ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. آڱرين جي عروجَ جي هن باڪمال  دورَ ۾ به اسان جون آڱريون زبانن جيان غلامي جا راڳ ڳائي رهيون آهن. زبانون جنميل گيتَ ڳائينديون هيون، آڱريون جنم ڏئي رهيون آهن هڪ نئين ٻولي، نئون رقص نئون بدلاءُ وٺڻ بجاءِ آڱريون ڪردارن، مفادن ۾ وچڙيل آهنِ. خاموش گفتگو جي زماني ۾ زبانن بدران آڱرين کي سچ جي ٻولي ٻولڻ جي سکيا جي  ضرورت آهي.