ڇا ويجهي مستقبل ۾ ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ملي سگهندو؟

0
198
سنڌ طاس منصوبي تي وڌيڪ ٽيڪاٽپڻي

 ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ K-IV منصوبو جوڙيو ويو. پر ان جي پروگريس ايتري گهٽ آهي، ته ويجهي مستقبل ۾ ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ملڻ ڏکيو آهي. اچو ته ڏسون ته K-IV منصوبو آهي ڇا؟

منصوبو آهي ڇا؟

                 جنرل ضياءَ الحق پنهنجي دور ۾ ڪراچي لاءِ 650 ملين گيلن في ڏينهن سنڌو درياهه مان پاڻي منظور ڪري ويو. انهيءَ کي جيڪڏهن ڪيوسڪ ۾ مٽائجي ته ٿئي ٿو 1200 ڪيوسڪ. هڪ ڪيوسڪ معنيٰ ڪيوسڪ في ڪيوسڪ فوٽ في سيڪنڊ يعني اها پاڻي ڏيڻ جي رفتار آهي. مختلف گهرجن لاءِ اها ڪوٽا سال 2006ع ۾ پوري ٿي وئي. سال 2007ع ۾ ڪراچي بورڊ ۽ جاپاني مددي ايجنسي (JICA) هڪ فيزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو ته سال 2025ع تائين ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جي گهرج 1200 ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿيندي. سال 2010ع ۾ ڪراچي جي آدمشماري 32.506 ملين  ٿيندي، ان ۾ وڌيل آدمشماري لاءِ وڌيڪ پاڻي کپندو.

                 ڪراچي شهر کي پاڻي ذريعن مان ملي سگهي ٿو. پهريون سنڌو درياهه، ٻيو حب ڊيم ۽ ٽيون سمنڊ. حب ڊيم ۾ برساتن ڪري پاڻي ڀرجي ٿو. جيڪڏهن برساتون نه ٿيون پون ته اهو ڊيم نٿو ڀرجي. حب ڊيم هڪڙو دفعو ڀرجڻ کاپوءِ ٽن سالن تائين پاڻي ڏئي ٿو. ويجهي ماضي ۾ ساندهه 5 سال مينهن نه پيا ۽ ڪراچي کي انهيءَ ڊيم مان پاڻي نه ملي سگهيو ۽ سڄو بار سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي پيو. تنهن ڪري حب ڊيم يا ٻيو ڪوئي ڊيم پيئڻ جي پاڻي ڏيڻ جو اعتباري ذريعو ڪونهي پر اسان کي اعتباري ذريعو کپي.

اچو سمنڊ جي پاڻيءَ تي، سعودي ۽ گڏيل امارات ۽ ڪويت ۾ هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪري استعمال ڪن ٿا، جنهن کي انگريزي ۾ (Desalination) چون ٿا. پر ان تي خرچ تمام گهڻو اچي ٿو. في گيلن مٺي ڪرڻ تي 200 کان 250 رپيا خرچ اچي ٿو. جڏهن ته سنڌو مان پاڻي آڻڻ تي في هزار گيلن 20 کان 30 رپيا خرچ اچي ٿو. ان مان معلوم ٿيو ته رفتاري ۽ سستو ذريعو سنڌو جو پاڻي ئي آهي. ڪي IV- منصوبي ۾ 1200 ڪيوسڪ سنڌو مان کڻڻ جو آهي، اهو وڌيڪ 1200 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بيراج ڄامشورو وٽان ڪي بي فيڊر واهه ذريعي ڪينجهر ڍنڍ ۾ آڻبو ۽ اتان واهه ڪڍي ۽ پمپ ڪري ڪراچي کي سپلائي ڪيو ويندو.

ڪراچي جي آدمشماري يڪدم نٿي وڌي. اسان کي به 1200 ڪيوسڪ يڪدم نه کپي. تنهن ڪري 1200 ڪيوسڪ جي گهرج کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون مرحلو 260 ملين گيلن في ڏينهن يعني 480 ڪيوسڪ، ٻيو مرحلو 260 گيلن في ڏينهن يعني 480 ڪيوسڪ ۽ ٽيون مرحلو 130 گيلن في ڏينهن يعني 240 ڪيوسڪ. پهرين مرحلي واروPC ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي قيمت 26 ارب رپيا آهي ۽ اهو ايڪنڪ 18 جولاءِ 2014 ع تي منظور ڪيو آهي. وڏي وزير جنهن منصوبي کي 23 مارچ تي FWO کي ڏئي شروع ڪرڻ جو چيو هو. اهو منصوبو آهي ڪي IV-. اهو منصوبي جو پهريون مرحلو آهي. باقي ٻين منصوبن تي ضرورت آهر ڪم ٿيندو.

ڪي-فور منصوبي ۾ ڪهڙا مسئلا آهن؟

ضياءَ الحق ڪراچي جي پيئڻ لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياهه مان ڏيڻ کي منظوري ڏئي ويو. سال 1988ع ۾ هو هڪ هوائي حادثي ۾ مارجي ويو. ان وقت تائين صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست وارو ٺاهه نه ٿيو هو. 21 مارچ 1991ع تي نواز شريف جي پهرين دور ۾ صوبن ۾ پاڻي ورهاست وارو ٺاهه ٿيو. انهي ٺاهه ۾ سنڌ کي 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مليو. پر اتي اهو نه لکيو ويو ته انهيءَ ۾ ڪراچي شهري ۽ صنعتي استعمال لاءِ اڳي ئي منظور ٿيل پاڻي به شامل آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو صوبن کي ڏنل يا ورهايل پاڻي ۾ زرعي، شهري، صنعتي ۽ ٻين سڀني گهرجن جو پاڻي شامل آهي ۽ ڪو به صوبو ٻين گهرجن لاءِ پاڻي جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. سال کن اڳ پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد لاءِ اعتباري جي لحاظ کان 200 ڪيوسڪ پاڻي گهربل هو. اهو منظور ڪرائڻ لاءِ معاملو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو ويو. ان 200 ڪيوسڪ مان سنڌ جو حصو رڳو 83 ڪيوسڪ پيو ٿئي پر ڪائونسل  جي اجلاس ۾ سنڌ انهيءَ تي اعتراض ڪيو. جڏهن ته ٻيا صوبا پنهنجي صوبي جو پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. هاڻي اهو مامرو بين الصوبائي ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن اڃا ڪو فيصلو نه ڪيو آهي. وري مان اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي ان وقت جي چيف منسٽر سيد قائم علي شاهه اسلام آباد کي پاڻي ڏيڻ جي پوءِ منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪي-فور جي منصوبي جي پي سي ون ۾ اهو لکيل آهي ته 1200 ڪيوسڪ پاڻي جي منظوري لاءِ اسان کي چيو ويندو ته اهو پاڻي سنڌو درياهه منظور ڪري ۽ سنڌ جو آبپاشي کاتو انهي پاڻي کي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪينجهر ڍنڍ جي گنجائش وڌائي ۽ ڪي بي فيڊر جي ريماڊلنگ وارا ڪم ڪري. جڏهن منظوري لاءِ لکيو ته هنن اهو نه ڏٺو ۽ چيو ويو ته اهو معاملو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ نيو ويو. سنڌ سرڪار اهو معاملو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارڻ جي تياري ڪري پئي پر نتيجي جي اڳي ئي خبر آهي. جڏهن سنڌ جي وڏي وزير اسلام آباد کي پاڻي ڏيڻ جي نابري واري ته هاڻي ٻيا صوبا ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ تي ڪيئن راضي ٿيندا. دليل اهو ڏنو ويو ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، جنهن ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو به تمام گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جن کي پيئڻ جو پاڻي کپي. پر اهو دليل اسلام آباد تي به لڳي ٿو. جو اتي به ٻين صوبن جا ماڻهو رهن ٿا. منهنجي خيال ۾ قومي پول مان ڪراچي لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي نه ملي سگهندو. اهو سنڌ کي پنهنجي حصي مان ڏيڻو پوندو. ڪي-فور منصوبي لاءِ 1200 ڪيوسڪ واڌو پاڻي سنڌو درياهه مان ئي ڪينجهر ڍنڍ مان ملي سگهندو، جنهن لاءِ سنڌ سرڪار کي به ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ڄام شوري ڀرسان ڪوٽڙي بيراج کان ڪلري، تلهار فيڊر ذريعي 1200 ڪيوسڪ واڌو پاڻي آڻڻ ۽ واڌو پاڻي کي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪرڻ جيئن ڪراچي واٽر بورڊ وارو اهو پاڻي ڪي فور اسڪيم کڻي سگهي. ڪلري تلهار فيڊر جي ڊيزائن پاڻي کڻڻ جي صلاحيت 9100 ڪيوسڪ هئي ۽ ڪينجهر جي سطح 54 فوٽ هئي پر  1200 ڪيوسڪ ڏيڻ لاءِ ڪي بي فيڊر جي گنجائش وڌائي 8800 ڪيوسڪ ڪئي وئي ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي سطح 34 فوٽ مان وڌائي 57 فوٽ ڪئي وئي. هاڻي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ لاءِ (1200 ڪيوسڪ) ڪلري تلهار فيڊر جي گنجائش وڌائڻي پوندي ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي سطح به وڌائڻي پوندي. 260 ملين گيلن في ڏينهن يعني 480 ڪيوسڪ لاءِ پروگرام ٺاهيو ويو آهي ته اهو واهه ۾ سيمو گهٽائڻ بعد ڪيو ويندو. انهيءَ لاءِ ACE ڪنسلٽنٽ 19 ارب رپين جو پي سي ون ٺاهيو آهي، جنهن مطابق هلندڙ پاڻي ۾ ڪي بي فيڊر کي سيمينٽ ڪانڪريٽ سان پڪو ڪيو ويندو. ۽ ايئن ڪرڻ سان 600 ڪيوسڪ پاڻي جو سيمو بند ٿي وڃڻ ڪري بچي ويندو. جيڪو في الحال ڪراچي جي پهرين مرحلي جي گهرجن لاءِ ڪافي ٿيندو. هلندڙ پاڻي ۾ پڪي ڪرڻ جو ڪم جرمن ڪمپني طرفان ڪانڪريٽ سان ڀريل وڇائڻ (Mattresses) ذريعي ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ اها ٽيڪنالاجي پهريون دفعو استعمال ٿيندي. ان کي Incomcat جو نالو ڏنو ويو آهي. پڪي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سيمو بچائڻ واري پاڻي کي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ اڃا ڪا اسڪيم نه ٺاهي وئي آهي.

ڪي-فور واري منصوبي جو منڍ وارن جي زراعت تي اثر

دنيا ۾ هر ملڪ جي پاڻي پاليسي ۾ مختلف استعمال لاءِ پاڻي جا حق تسليم ڪيا ويندا آهن. يعني پهريون حق ڪنهن جو آهي ۽ ٻيو حق ڪنهن جو آهي وغيره. پاڻي جا مختلف استعمال آهن، جيئن پيئڻ لاءِ پاڻي زراعت لاءِ پاڻي، صنعتن لاءِ پاڻي، ٻيلن لاءِ پاڻي، ڍنڍن لاءِ پاڻي، ٻيڙيون جهاز هلائڻ لاءِ پاڻي وغيره پر دنيا جي سڀني ملڪن جي پاڻي پاليسي ۾ پيئڻ جو پاڻي پهريون حق آهي. زراعت جو ٻيو حق آهي پر پيئڻ جي پاڻي  تي پهريون حق آهي، جڏهن ڪي فور منصوبو پورو ٿي ويندو ته هر ڪنهن حق کي پيئڻ لاءِ پاڻي جي حق کي ترجيح ڏني ويندي. ڀلي زراعت ٿئي يا نه ٿئي. ڊيلٽا لاءِ پاڻي آهي يا ناهي. جڏهن ڪي فور منصوبي ذريعي ڪراچي وارن کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو ويندو ته ٺٽي جي زراعت جو ڇا ٿيندو؟ ڪراچي کي ڪي فور منصوبي ذريعي جڏهن پاڻي ڏنو ويندو ته ٺٽي ۾ زراعت متاثر ٿيندي. جنهن تي ماڻهن جو روزگار آهي. ٺٽي ۾ قحط سالي ٿيندي. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ پاڻي پيئڻ جو حق پهريون آهن ته زراعت جو حق ٻيو آهي. تنهن ڪري ڪي فور منصوبي کانپوءِ ٻيو حق زراعت جو آهي ۽ اها تباهه ٿيڻ نه کپي.

ڇا ٿيڻ کپي؟

پيئڻ جي پاڻي جو حق سڀني کان مٿي آهي. ڪي فور منصوبي ڪري ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ملندو پر ٺٽي وارن جو ڇا ٿيندو. هنن کي ڪجهه معاوضو کپي. اهو هنن کي انهيءَ طرح ملي سگهي ٿو، ته اگهن (Water rates) ۾ گهٽتائي ٿيڻ کپي.

واپڊا وارا ڪجهه وقت کان وٺي ڪي فور منصوبي کي هلائن ٿا پيا. پر تنهن جا ٻه مسئلا آهن، هڪڙو ته هو ڪنسلٽنٽ رکڻ گهرن ٿا ۽ ٻيو ته انهن کي وفاق کان گهربل پئسا نٿا ملن. انهيءَ جا هيٺيان حل آهن.

1.واپڊا وارن کي ڪنسلٽنٽ رکڻ ڏيو

2.وفاق کان واپڊا کي پئسا ملڻ کپن.