ڪراچي-حيدرآباد مڪاني چونڊون: نتيجا، امڪان ۽ اميدون

0
229
ڪراچي-حيدرآباد مڪاني چونڊون: نتيجا، امڪان ۽ اميدون

 سنڌ جي سر موڙ شاعر استاد بخاري جي هڪ مشهور گيت جي هڪ مشهور سِٽَ “روز بهانا نوان نوان، نوان نوان، ماريو تنهنجي نه مان نه مان!” وانگي سنڌ حڪومت، ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ۽ شايد، تشڪيل ڪار جي نه چاهڻ جي باوجود، خدا خدا ڪري سنڌ ۾، مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو خوبين سان کڻي نه به صحيح پر خيرن سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو. پهرين مرحلي ۾، سواءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي، باقي سڀني ڊويزنن ۾ چونڊون ڪرايون ويون، جن ۾ پي پي پي کي سوڀارو کڻي نه به مڃون پر گڏيل طور تي حسبِ توقع ۽ حال، برتري وري به سندس جي ئي حصي ۾ آئي آهي، ۽ سنڌ حڪومت انهن چونڊن جي انعقاد کي، ڪنهن جي به چوڻ آکڻ تي، يا پنهنجي ڪنهن اڻپوري خواهش يا سياسي مجبوري جي آڌار تي نه ٽارڻ (ملتوي) جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ڪنهن اڻوڻندڙ بهاني کي نقدي ڪرايو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ هن جي لاءِ سياسي– نفسياتي آزمائش ۽ مٿي جو سور بڻيل به رهيون ۽ هڪ سياسي حربي طور تي انهن کي نه ڪرائڻ جا بهانا به پيش ڪندي رهي ۽ عُذر کان ڪم به وٺندي رهي. سياسي– نفسياتي آزمائش جي پويان ته ممڪن آ ته هار-جيت جو ڊپ ڊاءُ هجي پر هن جي مٿي جي سور جون علامتون هڪ ته سنڌ حڪومت جا حربا هئا، ٻيو ڪراچي جون ٽي مُک سياسي پارٽيون،  ايم ڪيو ايم (پاڪستان)، پي ٽي آءِ، ۽ جماعت اسلامي به هيون. سنڌ حڪومت کي هي انديشو ته متان پي ٽي آءِ يا ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ميدان ماري وڃي. شايد اهوئي خاص سبب به آهي ته جماعت اسلامي سان سنڌ حڪومت جي لڪل ۽ خاموش سياسي مفاهمت (انڊراسٽينڊنگ) به هئي جنهن جو اظهار چونڊ نتيجن بعد حڪومتي اهم ماڻهو سعيد غني پاران هي چئي ڪيو ويو آهي ته، پي ٽي آءِ سان نه پر جماعت اسلامي سان گڏجي ڪراچي جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو. سو جماعت اسلامي مان خطرو گهٽ آهي. پر ساڳي وقت هي انديشو به بهرحال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته جيڪڏهن اها سندن سانچي ۾ نه آئي ته اها جماعت به سنڌ حڪومت کي چيڙهالي گهڙين (ٽف ٽائيم) چنبڙائي سگهي ٿي.

ايم ڪيو ايم (پاڪستان) پنهنجي روايتي سياسي احساسِ ڪمتري ۽ چالبازي (بليڪ ميل) جو مظاهرو ڪندي، ۽ چونڊن جي عمل کي تڪراري بڻائيندي، جڏهن ڪراچي ۾، تڪبندين جي مقرري واري الجهن ۽ سياسي بي چيني تي، سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ، عدالتن ۾ به وئي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن به پنهنجي روايتي مجبورين جي آڙ وٺندي چونڊن کي ٽارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکڻ سان گڏ، عدالتن ۾، ۽ اليڪشن ڪميشن وٽ به پنهنجيون گذارشون جمع ڪرايون ته، سڄي سنڌ ٻوڏن جي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، پوليس جيڪا امن و امان کي قائم رکڻ جي لاءِ سڄي صوبي  ۾ پهرين دفاعي سگهه آهي اها سڀ جو سڀ تمام گهڻي مشغول ۽ ٻين ڪمن ۾ رڌل آهي سو چونڊن جي ٻئي مرحلي کي فلاڻن ۽ فلاڻن ڪارڻن جي ڪري ٽاريو وڃي. ياد رهي سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جي چوڻ تي، اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ چونڊن جي ٻئي مرحلي کي ٻه دفعا ٽاريو ويو آهي پر ٽيون ڀيرو ٽارڻ لاءِ عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن مان جڏهن ڪنهن به قسم جو ڇوٽڪارو (رليف) نه مليو ته، ايم ڪيو ايم (پاڪستان) به ڍير ٿي وئي. نه صرف ڍير ٿي وئي پر نڪ جي پڪائيءَ خاطر چونڊن جي عمل کان پري رهڻ (بائيڪاٽ) جو فيصلو به ڪيو. پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي، جيڪي پڻ هڪٻئي، ۽ ايم ڪيو ايم (پاڪستان)، ۽ سنڌ حڪومت جي موقفن جي خلاف پڻ عدالتن ۾ هيون، تمام گهڻو سرهو ٿيون ۽ چونڊن جي عمل ۾ ڀرپور حصو ورتائون. سنڌ حڪومت به (بعد ۾) اندر اندر ۾، بغليون هڻندي ۽ خوش ٿيندي بظاهر نه چاهيندي، پر بهترين تياري سان ميدان تي لهي آئي ۽ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. نتيجو هي نڪتو ته ڪراچي جي شهرين خاص طور تي، ۽ حيدرآباد جي شهرين عام طور تي هن ڀيري پي پي پي کي به ڀرپور موٽ ڏني آهي جيڪا تبديلي حقيقت ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾، جمهوري روايتن جي پاسدار سڀني سياسي پارٽين، شهرين ۽ حڪومتن جي لاءِ هڪ بهترين سياسي وک، سياسي سمجهداري ۽ عوام جو سياسي جماعتن تي اعتماد جو مظهر به آهي ته کٽي ايندڙ هڙني سياسي پارٽين جي لاءِ هڪ ڪڙي آزمائش به آهي. ڪراچي– حيدرآباد جا چونڊ نتيجا ٻڌائين ٿا ته ماڻهن پنهنجي سياسي اظهارِ حق ۽ راءِ (ووٽ) جو آزاداڻي نموني سان اظهار ڪيو آهي. ۽ ٻي تبديلي جيڪا نظر اچي پئي ته تشڪيل ڪار به چونڊن جي هن عمل ۾ ٽنگ اڙائڻ کان ڪافي حد تائين پاڻ کي پري رکيو آهي جيڪا تبديلي پڻ سٺو سنئوڻ آهي. پاڪستان جيڪو سدائين نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، چونڊن جي عمل جي لاءِ جيڪڏهن هن قسم جو ماحول برقرار رهيو ۽ رکيو ويو ته ڪو شڪ ناهي ته اهو وقت به ضرور اچي ويندو جيڪو هن ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي نالي ۾ مشهور ۽ سونهون ٿيندو. ملڪن جا معاشي معاملا ۽ مامرا سياسي استحڪام سان جڙيل هوندا آهن هن ڳالهه کي هر باشعور ماڻهو ۽ عوام چڱي پر سمجهي ٿو؛ ۽ هاڻي ته اسان وٽ تشڪيل ڪار کي به هي احساس بخوبي ٿي رهيو آهي ته، ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام به ايندو. شايد اهوئي سبب آهي جو تشڪيل ڪار ملڪ جي سياسيريا (سياسي بيماري) جو علاج سياسي معاملن کان پرهيز ڪرڻ کي سمجهي انهن کان پري رکڻ، ۽ صرف آئيني ڪردار ۽ ذميدارين تائين محدود ڪرڻ لاءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي سياسي ڪردار جي حوالي سان وڏي ڌام ڌوم ۽ وڏي واڪي سان اعتراف به ڪيو ۽ ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. پر هت هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ لازمي آهي ته تشڪيل ڪار سياسي معاملن کان پري رهڻ يا ختم ڪرڻ جو اعلان ضرور ڪيو آهي پر توبهه ناهي ڪئي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ پنڊي منڊو اڄ به وڏي خواهش رکن ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني سان تشڪيل ڪار سندن مدد ڪري ڇاڪاڻ جو بقول عمران خان، ته طاقت ۽ اختيار جو اصل ممبو عوام نه، پر تشڪيل ڪار ئي آهي. ۽ پنڊي منڊي جي اڳڪٿين کان جيڪڏهن اسان سڀ محظوظ ٿيندا هئاسين يا انهن کي اهميت ڏيندا هئاسين ته انهن جي پويان به اصل ۾ تشڪيل ڪار جون مهربانيون آهن، باقي هن همراهه جي سياسي قد ڪاٺ جي باري ۾ عالم آشڪار اسان سڀني کي خبر آهي ته همراهه ڪيتري پاڻي ۾ آهي. شهباز گِل جي پريس ڪانفرنسن وانگي هن جي اڳڪٿين تي به في الحال، هن وقت ڄڻ تالو لڳي چڪو آهي. تڏهن ته هن (بيقرار ٿيندي) تازوئي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، “تشڪيل ڪار سان رابطو ناهي، پر ٿيڻ گهرجي.” سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو تڪميل تي پهچي چڪو. هن وقت ٻنهي شهرن جي ميئرشپ ۽ کٽي ايندڙ سياسي پارٽين جي وچ ۾ “ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو” وارا معاملا طئي ٿي چڪا آهن يا انهن تي اندروني طور تي ڪم ٿي رهيو آهي.

حيدرآباد جي لاءِ ته، پي پي پي وٽ عوامي اعتماد وارو ڪارڊ پهچي چڪو آهي. چيئرمين پي پي پي  بلاول ڀٽو زرداري چئي چڪو آهي ته، حيدرآباد جو ميئر جيالو ٿيندو، پر ڪراچي جي لاءِ سڀني پارٽين سان ڳالهايو ويندو. سندس چواڻي ته، ڪراچي جو ميئر به پي پي پي جو سياسي حق آهي جنهن کي سڀني کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ڪراچي جي شهرين توڙي جو هن ڀيري پي پي پي کي پنهنجي روايتي سوچ يعني پي پي پي يا سنڌي دشمني کان هٽي ڪري جنهن اعتماد جي پڳ ٻڌرائي آهي، ممڪن آ ته ان پڳ کي، پي ٽي آءِ، ۽ جماعت اسلامي جو خاص ڪراچي يا پي پي پي دشمني جي حوالي سان امڪاني اتحاد يا امڪاني مفاهمت ڪو نقصان پهچائي. هن وقت موجود ماحول جيڪو ملڪ جو آهي اهو عوام کي پيڙي رهيو آهي. آئي ايم ايف، ٻين عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن جا شرط ڀلي کڻي اسان جي سياسي حڪومتن يا ادارن سان طئي ٿيندا رهن پر گهمي ڦري انهن شرطن جا نتيجا عوام کي ئي ڀوڳڻا پون ٿا. پاڪستان ۾ چئي سگهجي ٿو ته مندائتي حرارتي درجن ۾ ته گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي پر مهانگائي جي درجي ۽ غربت جي لڪير ۾ سدائين واڌ ٿيندي رهي ٿي. پاڪستان کي نه صرف سياسي استحڪام ۽ معاشي پاڻڀرائي جي اشد ضرورت آهي پر صوبن جي وچ ۾ جيڪي سياسي، معاشي، سماجي، ماحولياتي ۽ پاڻي وارا تڪراري معاملا آهن، يا آئيني گهرجون آهن انهن تي به ڌيان ڏيڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي جن تي ڪنهن به حڪومت پاران، چاهي پوءِ اها آئيني هجي يا غير آئيني، سياسي هجي يا فوجي، پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ واري ڏينهن کان وٺي، ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آهي. مڪاني چونڊن يا سياسي پارٽين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا جيڪي تازا قدم ۽ آئيني فيصلا آهن حقيقت هي آهي ته سياسي پارٽين ۽ تشڪيل ڪار جي ڪردار کان سئو ڀيرا بهتري وارا ۽ سياسي استحڪام ڏيڻ وارا آهن. پهريو ڀيرو آهي جو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آئيني عمداري (رِٽ) کي تمام سهڻي نموني سان ثابت ڪري رهي آهي. سڀني سياسي پارٽين جي بهانن، مجبورين ۽ حربن کي، چونڊن جي ٻئي مرحلي کي ڪرائڻ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ، پنهنجي فيصلي ۾ هي چئي رد ڪري ڇڏيو ته چونڊن جي تياري مڪمل آهي. سامان سڙو پهچي چڪو آهي، عملو تربيت وٺي چڪو آهي، اهو گهربل پولنگ اسٽيشنن تي پهچي به چڪو آهي سو ڪنهن به بهاني يا حيلي وسيلي جي آڙ ۾، چونڊن جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ اڳتي نه کڻي وڃبو ۽ چونڊون پنهنجي معمول جي مطابق تاريخ 15 جنوري، 2023ع تي ئي ٿينديون. چونڊون ٿي ويون. غيرحتمي نيتجا اچي چڪا آهن. حتمي نتجيا اچي رهيا آهن. ڪجهه نتيجن کي تڪراري هجڻ سبب روڪيو به ويو آهي سو هڪ چوڻي وانگي ته، “اهو سوار ئي ڪهڙو جنهن ڌڪو نه کاڌو هجي.” سو؛ “اها چونڊ ئي ڪهڙي، جنهن تي ڌانڌلين جو الزام نه لڳي.” اسان واري پاسي خيرپوناٿن شاهه جي عوام پنهنجي روايتي شهر دشمني جو مظاهرو ڪندي حڪومتي پارٽي جي سُڪندڙ وڻ کي ٻيهر پاڻي ڏئي سائو ڪري ڇڏيو آهي. ميهڙ ۾ 14 تڪن مان پي ٽي آءِ اٺن تڪن تي سوڀاري ته ٿي آهي پر اتي هڪ اميدوار جي جذباتي پريس ڪانفرنس، پي ٽي آءِ جي سوڀ کي مڪروه ڪري ڇڏيو آهي. سو روز بهانا نوان نوان محبت ۾ ته وڻندڙ لڳن ٿا پر سياست ۾ اهي ڪنهن جي سياسي ساک ۽ نيت کي سهڻي نموني سان وائکو به ڪندا رهن ٿا.