پرويز اشرف عھدي سان وفا ڪئي يا قيادت سان نڀايو؟

0
168
سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ سياسي سرگرميون

 ملڪ جي سياسي رڌڻي ۾ ايترو ڀونچال اچي ويو آھي جنھن جي پڄاڻي پري پري تائين نظر نه پئي اچي. هڪ پاسي اھا صورتحال آهي ته ٻئي پاسي معاشي طور تي ھر ايندڙ ڏينھن مايوسي بي يقيني واري ڪيفيت مان گذري رھيو آھي ڪير به ان باري ۾ ڪنھن به قسم جي اڳڪٿي نٿو ڪري سگھي ته، سڀاڻي ڇا ٿي سگھي ٿو. مٿان وري رھيل سھيل ڪسر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آئي جي ايم اين ايز پاران ڏنل استعيفائون منظور ڪري ڪڍي ڇڏي.اسيمبلي جي قانون ۽ قاعدن کي  جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اسپيڪر جو فيصلو پنھنجي جاءِ تي صحيح آھي ليڪن اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو ڪردار ان وقت مشڪوڪ ٿي ويو جڏھن گذريل سال پي ٽي آئي جي ميمبرن اسيمبلي جي اندر گڏيل طور تي اجتماعي استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته راجا پرويز اشرف اسپيڪر جو عھدو سنڀاليندي فيصلو ڪيو ته گڏيل طور تي ڏنل استعيفائون منظور ڪرڻ بجاءِ ھڪ ھڪ ميمبر کي گھرائي لکت ۾ ڏنل استعيفا وصول ڪرڻ ۽ مطمئن ٿيڻ کان پوءِ منظور ڪري ڇڏيندو، ليڪن معاملو ان وقت سنجيدگي اختيار ڪري ويو جڏھن عمران خان وزير اعظم شھباز شريف جي خلاف اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ڳالھه ڪندي  اعلان ڪيو ته پي ٽي آئي جا ميمبر واپس اسيمبلي ۾ شريڪ ٿيندا ۽ کين اپوزيشن ليڊر جو عھدو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمينشپ ۽ پارلياماني ليڊر جو عھدو ڏنو وڃي. پر کيس اھا خبر نه ھئي اڳيان جيڪي وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر گڏجي ويا اھي ڪڏھن به نه چاھيندا ته کيس واپس اچڻ ڏنو وڃي. نتيجي ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف وقفي وقفي سان 123 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري اسيمبلي ۾واپس اچڻ وارو رستو بند ڪري ڇڏيو. جڏھن ته پي ٽي آئي وارا رڙيون ڪندا رھجي ويا. يوٽرن وٺڻ جي ڪري شھريت ماڻيندڙ عمران خان کي ان ڳالھه جو يقين نه ھو ته کيس به سرپرائيز ملي سگھي ٿو ڇو ته ھو پاڻ ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان اڳواٽ سرپرائيز ڏيندو رھيو هو جو پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ته جيئن ملڪ ۾ اپريل مھيني تائين عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ شھباز شريف مجبور ٿي وڃي. اھا الڳ ڳالھه ته هن ڀيري جيڪا به سندس سوچ ھئي اھا ڪامياب ٿيندي نظر نه آئي بلڪه معاملا سندس ھٿن مان نڪرڻ شروع ٿي ويا. ھاڻي  اھڙي صورتحال سامھون اچي وئي اٿس جو کيس پنھنجي گرفتاري نظر اچي رھي آهي. فواد چوڌري  ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتارين  کانپوءِ  چيو ٿو وڃي ته وڏي پيماني تي اھڙو قدم کنيو ويندو. ان صورتحال ۾ ڏسڻو پوندو ته پي ٽي آئي ڪٿي ٿي دنگ ڪري جنھن جي قيادت فوج جي ان وقت جي سربراھه جنرل قمر جاويد باجوا کي سڌي طرح للڪاريو ھو ته سندس اقتدار جي خاتمي جو ذميوار جنرل قمر جاويد باجوا آھي ۽ اھڙو بيانيو عوامي جلسن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر به آيو جنھن ۾ عوام ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سندس ايمان پختو ٿيو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته هن ملڪ جي سياست جي تبديل ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي آهي جنهن اسٽيبلشمينٽ جي ڪلھن تي چڙھي اقتدار تي پھچڻ جي لاءِ  تقريبن چار سالن تائين مخالف ڌر جي الزامن جو منھن ڏسندڙ عمران خان کي اقتدار ۾ اھا خبر نه پئجي سگھي ته جنرل قمر جاويد باجوا واري اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار نيوٽرل ٿي وئي آهي جنهن جو اظھار ان وقت جي آئي ايس پي ار جي ترجمان ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ کي پريس ڪانفرنس ۾ ڪرڻو پيو ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناھي، سياسي معاملو پاڻ طئه ڪن. اھا ٻي ڳالھه آھي ته معاملو ان جي ابتڙ پيو نظر اچي جنھن جو ھڪ دفعو ٻيھر عمران خان خدشو ظاھر ڪيو آھي ته نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اچڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار نيوٽرل نه پئي نطر اچي. اھڙو انديشو سوشل ميڊيا تي پڻ تنقيد سان سامھون آيو آھي جو پنجاب جو نگران وڏو وزير سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان نظر اچي رھيو هو. ان حوالي سان سينئر صحافي محمد مالڪ پنھنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته آئي ايس پي آر کي ان بابت وضاحت ڪرڻ کپي. ھوڏانھن پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي مٿان نيب سان ماضي ۾ ڪيل پلي بارگين جو معاملو سامھون اچي ويو آھي جنھن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ذڪر شامل آهي ته نيب سان پلي بارگين ڪندڙ شخص عوامي عھدو نٿو رکي سگھي.  ٻيو وري پنجاب جي ڪامورن خاص طور تي پوليس ۾ جيڪي مقرريون بدليون  شروع ٿيون آهن   انهن  به پي ٽي آئي وارن جي خدشن کي وڌيڪ هٿي ڏئي ڇڏي آھي. باقي جيستائين اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران استعيفائون منظور ڪرڻ جو سوال آهي ته ان جو شروع ۾ ذڪر ڪيوسين  ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو معيار ھميشھ اھم رھيو آھي. ماضي جي اسپيڪرن تي نظر وجھبي ته ڪافي اسپيڪرن جو ڪردار نه صرف ساراھه جوڳو بلڪه غير جانبدار رھيو آھي. ڊڪٽيٽر ضياءَ جي مارشل لا کان پوءِ 1985ع جي غير جماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ قومي اسيمبلي وجود ۾ آئي ھئي ان جو اسپيڪر سيد فخر امام ٿيو.ڊڪٽيٽر ضياءَ سان معاملو نه ھلڻ تي استعيفا ڏئي هليو ويو. بعد ۾ حامد ناصر چٺا اسپيڪر ٿيو. 1988ع جي جماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي  حڪومت قائم ٿي اسپيڪر معراج خالد ٿيو ۽ ھڪ موقعي تي محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئي ته معراج خالد پاڻ کي مڪمل غير جانبدار رکيو. ساڳي طرح 1990ع جي عام چونڊن ۾ نواز شريف وزير اعظم ٿيو ۽ گوھر ايوب خان اسپيڪر چونڊجي ويو ان وقت مخالف ڌر جي جماعت پيپلز پارٽي ھئي آصف زرداري گرفتاري جي دوران نواب شاهه مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊ جي آيو ته نواز شريف نه پئي چاهيو ته آصف زرداري ميمبر جو قسم کڻي، ليڪن گوھر ايوب خان اسپيڪر جي عھدي تي رھندي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري کيس اسيمبلي اجلاس ۾ گھرائي قسم کڻايو جيڪا ڳالهھ نواز شريف کي قبول نه ٿي ۽ ساڻس اختلاف رکيو. 1993ع ۾ وري پيپلزپارٽي جي  حڪومت آئي بينظير ڀٽو وزير اعظم ۽ اسپيڪر سيد يوسف رضا گيلاني ٿيو ته شيخ رشيد کي ڪلاشنڪوف رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. نواز ليگ مخالف ڌر ۾ ھوندي شيخ رشيد احمد کي اجلاس ۾ گھرائڻ لاءِ اسپيڪر کي درخواست ڪئي جنهن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندي شيخ رشيد احمد کي اجلاس ۾ گھرايو جيڪا ڳالھه بينظير کي صحيح نه لڳي، ليڪن يوسف رضا گيلاني غير جانبدار ھئڻ جو ثبوت ڏنو. 1997ع ۾ ھڪ دفعو ٻيھر نواز شريف اقتدار ۾ آيو ۽ الاھي بخش سومرو اسپيڪر ٿيو نواز ليگ کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ھئي ۽ پيپلز پارٽي وٽ 16/17 سيٽون ھنيون ان جي باوجود اسپيڪر کين مخالف ڌر جو درجو ڏنو. ھڪ ڀيرو واجا ڪريم داد کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري اجلاس ۾ گھرايو.سڀ کان وڌيڪ خراب اسپيڪر جو ڪردار جنرل مشرف جي دور ۾ چوڌري امير حسين جو رھيو جنھن ان وقت نواز ليگ جي اڳواڻ جاويد ھاشمي جي پارليامينٽ لاجز مان گرفتاري توڙي اسيمبلي جي مدت پوري ٿيڻ تائين کيس اجلاس ۾ نه گھرايو بلڪه پوليس ۽ ايجنسين کان پڇڻ جي ھمٿ به نه ڪئي ته سندس اجازت جي بغير پارليامينٽ لاجز ۾ ڪيئن داخل ٿي ويا. 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ڊاڪٽر فھميده مرزا اسپيڪر ٿي ته ان جي پنجن سالن جي دور ۾ڪو به چونڊيل سياسي قيدي نه هو ان ڪري ڪنھن اھڙي امتحان جو کيس منھن ڏسڻو نه پيو. نواز ليگ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو وقت به گھڻو تڪراري نه رهيو سواءِ 2014 ع ۾ پي ٽي آئي وارن جون استعيفائون منظور نه ڪرڻ تي ڪڏھن ڪڏھن مٿس تنقيد ڪئي ويندي  ھئي.  حالانڪه ان وقت اھو فيصلو به نواز شريف، چوڌري نثار علي خان جو ھو ته انهن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن پر بي اعتمادي رٿ جي نتيجي ۾ جيڪا تبديلي آئي ۽ راجا پرويز اشرف جي اسپيڪر ٿيڻ کان پوءِ کيس مليل استعيفائون فوري طور تي منظور ڪرڻ کپنديون ھيون. جيڪڏھن ڪنھن سياسي مصلحت پسندي جي ڪري بر وقت فيصلو نه ڪيو ته ڪجھه ڏينھن پھرين جيڪو فيصلو ڪيو اھو نه ڪرڻ کپندو هو ان ڪري مستقبل ۾ جڏهن به قومي اسيمبلي جي اسپيڪرن جي حوالي سان ذڪر ٿيندو لکيو ويندو ته راجا پرويز اشرف اسپيڪر جي عھدي سان وفادار رھڻ بجاءِ پارٽي ۽ اتحادين سان وفا ڪئي. جيستائين ايوان بالا سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جو تعلق آھي ته کيس ھن وقت چڱن لفظن سان نه پيو پڪاريو وڃي. ان جو سبب اھو آهي جو ھن اعظم سواتي جي گرفتاري وقت پي ٽي آئي جي مطالبي جي باوجود ان کي ايوان ۾ گھرائڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيو. لڳي ٿو ته کانئس وسري ويو ته پي ٽي آئي جي ڪري سينيٽ چيئرمين جي عھدي تي ويٺو آھي. اھي سياسي عھدا گھڻو وقت نه رھندا آھن. مونکي ياد ٿو اچي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس فائز عيسيٰ سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ھو ته ادارن جي ساک جو دارومدار شخصيتن سان ھوندو آھي ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي، ليڪن ادارن ۾ اھڙا ڪردار ھوندا جيڪي عھدي سان وفا ڪرڻ بجاءِ قيادت سان وفا ڪندا ته پوءِ ادارن جي ساک بحال ٿيڻ مشڪل ٿي ويندي.