اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهرين جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻول جي رڪارڊنگ ۽ آڊيو ليڪس جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاق، گھرو وزارت، بچاءُ واري وزارت ۽ پي ٽي آءِ کي ڌر بڻائڻ جي هدايت ڪندي اٽارني جنرل ۽ چار عدالتي معاونن کي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت چيو آهي ته ڇا آئين ۽ قناون شهرين جي ڪالز جي سرويلنس ۽ ڳجھي رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ٿو؟ غير قانوني طور تي رڪارڊ ڪيل ڪالز کي رليز ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب جي درخواست تي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ پارليامينٽ جي خاص ڪاميٽي جوڙڻ ۽ طلبي جي حڪمن کي چيلينج ڪيو ويو هو.عدالت خاص ڪميٽي ۾ طلبي جو سمن 19 جون تائين معطل ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي احترام ۾ صبر جو مظاهروڪندي خاص ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن معطل نه پيا ڪريون. ٻڌايو ته پارليامينٽ ڪنهن پرائيويٽ شخص جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي معاملي تي انڪوائري ڪري سگهي ٿو جيڪو اسيمبلي ميمبر هجي يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هجي؟ ڇا رولز ان ڳالهه جي اجازت ڏين ٿا ته اسپيڪرپرائيويٽ شخصيتن جي ڳالهه ٻول ليڪ ٿيڻ تي خاص ڪميٽي جوڙي؟ عدالت اٽارني جنرل کي مدد جي هدايت ڪندي اعتزاز احسن، مخدوم علي خان، ميان رضا رباني ۽ محسن شاهنواز رانجھا کي به مددگار مقرر ڪندي پنج سوالن تي مدد طلب ڪئي آهي ته ڇا آئين ۽ قانون شهرين جي ڪالز جي سرويلنس ۽ ڳجھي رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ٿو.؟ جيڪڏهن فون ڪالز جي رڪارڊنگ جي اجازت آهي ته ڪهڙي اٿارٽي يا ايجنسي، ڪهڙي سرشتي تحت رڪارڊنگ ڪري سگهي ٿي؟ آڊيو رڪارڊنگ کي ڳجھو رکڻ ۽ ان جو غلط استعمال روڪڻ جي حوالي سان ڇا سيف گارڊز آهن؟ جيڪڏهن اجازت ناهي ته شهرين کي پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي ڪهڙي اٿارٽي ذميوار آهي؟ غير قانوني طور تي رڪارڊ ڪيل ڪالز کي رليز ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن تي پوي ٿي؟ عدالت چيو ته وفاق، گھرو۽ بچاءُ واري وزارت ۽ پي ٽي اي کي ٻڌڻ ضروري آهي. عدالت ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.