سرگوڌا (م ڊ) سرگوڌا ۾ کدڙن فقيرن جو پهريون اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، جتي مفت ڪتاب، ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ وظيفو به ڏنو ويندو. حڪومت جي هدايت تي تعليم کاتي سرگوڌا ۾ کدڙن فقير جو اسڪول قائم ڪري ڇڏيو، جتي 25 کان وڌيڪ کدڙن فقيرن داخلا وٺي تعليم شروع ڪري ڇڏي آهي. داخل ٿيندڙ کدڙن فقيرن کي نه رڳو ڪتاب، وردي ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت مفت ملندي پر کين وظيفو به ڏنو ويندو. اسڪول ۾ تعليم ڏيندڙ استاد به کدڙا فقير رکيا ويا آهن، جڏهن ته کدڙن فقيرن جي گروهه کي ماهوار 30 هزار رپيا به سرڪار پگهار جي مد ۾ ڏيندي.