ڪنگسٽن (انٽرسٽنگ نيوز) ٻيٽ نما ملڪ جميڪا جي هڪ چڙيا گهر ۾ شهري کي شينهن سان شرارت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب چڙيا گهر جي پڃري ۾ قيد شينهن کي هڪ شخص لاڳيتو تنگ ڪري رهيو هو ته ان دوران خونخوار جانور شهري جي آڱر پنهنجي ڏندن ۾ دٻائي ورتي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شينهن ڄاڻايل شخص جي آڱر چٻاڙي ڇڏي. شهري وڏي مشڪل سان جانور کان پنهنجي جان ڇڏائي. چڙيا گهر ۾ موجود عورت واقعي جي منظرن کي ڪيمري جي اک ۾ قيد ڪيو، شينهن جيئن ئي آڱر پڪڙي ته شرارت ڪندڙ شهري دانهون ڪرڻ لڳو. وڊيو وائرل ٿيڻ تي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ڄاڻايل شخص کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ايئن ڪرڻ جو نتيجو اهڙو ئي نڪرندو.