نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي پيرسن عورت ڪيترائي ڪلو وزن کڻي پنهنجي پوٽي کي ڏنل چئلينج پورو ڪري سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو. جسم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ باڊي بلڊرن پاران استعمال ٿيندڙ باربل (لوهه جا ويل) کڻڻ نوجوانن لاءِ به کڻڻ مشڪل هوندا آهن پر ڀارت ۾ 80 سالن جي پيرسن عورت وزني لوها ويل باڊي بلڊرن جيان ٻنهي هٿن ۾ کڻي چئلينج پورو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ پيرسن عورت کي لوهه جا ويل باڊي بلڊرن جيان کڻندي ڏسي سگهجي ٿو، عورت ايترو آرام سان لوهه جا ويل کنيا ڄڻ سندس معمول آهي. ميڊيا رپورٽڻ ۾ چيو ويو آهي ته 80 سالن جي ٻڍڙيءَ کي سندس پوٽي وزن کڻڻ جو چئلينج ڏنو هو. وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي وئي هئي جنهن کي هن وقت تائين 4 هزار ڀيرا ڏٺو ويو آهي جڏهن ته وڊيو کي هن وقت تائين ڪيترائي لائيڪس ملي چڪا آهن.