لاهور (م ڊ) ملڪي سياست ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، نواز ليگ جي اڳوڻي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، هو سومر ڏينهن حلف کڻندو، واضح رهي ته چوڌري نثار 2018ع جي چونڊن ۾ پي پي 10 راولپنڊي تان چونڊيو ويو هو، ذريعن موجب شهباز شريف جو چوڌري نثار سان رابطو ٿيو آهي، چوڌري نثار شهباز شريف کي آزادي تي مبارڪون ڏنيون، سومر ڏينهن ٻنهي ۾ ملاقات جو به امڪان آهي.