اسلام آباد(رپورٽ ايم بي سومرو) نگران وفاقي حڪومت ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي اعتراضن کي نظر انداز ڪندي گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي سي سي آءِ جي منظوريءَ سان مشروط منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

سي سي آءِ سنڌ حڪومت کي گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 بابت پنھنجو موقف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي

جڏھن تھ ايڪنڪ 27 اھم ھنڌن تي پاڻيءَ جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ لاءِ 23 ارب 83 ڪروڙ 47 لک روپين جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ايڪنڪ جو اجلاس ڪالھ ناڻي جي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزيرن ۽ وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي تي تفصيلي غور ڪيو ويو

اِن منصوبي جي حوالي سان سنڌ حڪومت پنھنجا اعتراض پيش ڪيا. جنھن تي ايڪنڪ سنڌ حڪومت کي گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي بابت پنھنجو موقف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪندي سي سي آءِ جي منظوريءَ سان مشروط گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

ياد رھي تھ پنجاب صوبو مسلسل گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي جي منظوريءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رھيو جنھن تي مسلسل سنڌ جا اعتراض سامھون ايندا رھيا جنھن ڪري ان منصوبي جي منظوري مسلسل ملتوي ٿيندي رھي، پر چونڊون ڪرائڻ لاءِ آيل نگران حڪومت ويندي ويندي گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي انتھائي تڪراري منصوبي جي منظوري ڏني آھي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ پاڻي جي مانيٽرنگ ۽ ماپ لاءِ انڊس بيسن ايريگيشن سسٽم جي 27 اھم ھنڌن تي ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي آھي. جنھن جي ڪل لاڳت 23 ارب 83 ڪروڙ 47 لک روپيا آھي

ايڪنڪ جي اجلاس ۾ صحت سھولت پروگرام جي نظرثاني ٿيل رِٿا تي غور ڪيو ويو. جنھن پروگرام تحت 30 جون تائين غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙن لاءِ اُن منصوبي کي منظور ڪيو ويو آھي. ايڪنڪ انفيڪشن ڊزيز ليبارٽري جي قيام لاءِ 8 ارب 28 ڪروڙ روپين جي منصوبي جي بھ منظوري ڏني آھي. ايڪنڪ تورخم جلال آباد روڊ کان ايڊيشنل روڊ جي تعمير لاءِ 17 ارب روپين جي منصوبي جي بھ منظوري ڏني آھي