اسلام آباد(م ڊ) اڄ ٿيندڙ چونڊن لاءِ ڪهڙن وڏن وڏن اميدوارن جو مقابلو ٿي رهيوآهي، ان حوالي سان ڏاڍي دلچسپ صورتحال سامهون آئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ موجب مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف ۽ ياسمين راشد وچ ۾ لاهور جي تڪ اين اي 130 تي مقابلو ٿيندو.  جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود سومري سان مقابلو ٿيندو. شهباز شريف اين اي 123 لاهور تان افضال عظيم ۽ اين اي 132 تان سردار محمد حسن ڊوگر سان مقابلو ڪندو. اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان تي جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور ۾ مقابلو ٿيندو.اين اي 107 نواب شاهه مان آصف علي زرداري جو مقابلو سردار شير محمد رند بلوچ آزاد اميدوار طور ڪندو. اين اي 119 لاهور تي پي ٽي آءِ جو حمايتي  شهزاد فاروق جو مقابلو مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ٿيندو. سيال ڪوٽ جي تڪ 71 تي خواجه آصف جو مقابلو ريحانا امتياز ڊار سان مقابلو ٿيندو. اين اي 56 راولپنڊي تي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ مسلم ليگ ن جي اميدوار حنيف عباسي جو مقابلو ٿيندو. اين اي 64 گجرات تان ق ليگ جو چوڌري سالڪ حسين پنهنجي چاچيِ پرويز الاهي جي زال قيصرا الاهي سان مقابلو ڪندو. اين اي 149 تي استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جھانگير ترين جو مقابلو پي ٽي آءِ جي حمايتي ملڪ عامر ڊوگر سان ٿيندو. اين اي 261 تي بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه اختر مينگل جي يو آءِ جي عبدالغفور حيدري سان مهاڏو اٽڪائيندو. ڪراچي ۾ اين اي 246 تي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو مقابلو ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق سان ٿيندو.