اسلام آباد (م ڊ) هڪ سرڪاري تنظيم پنهنجي جائزه رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته چونڊن ۾ ن ليگ وڏي جماعت بڻجي سامهون ايندي.  اداري جي رپورٽ موجب پيپلزپارٽي ٻئي نمبر تي هوندي ۽ ان کان پوءِ تحريڪ انصاف ۽ ٻيون پارٽيون هونديون. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هڪ اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سرڪاري تنظيم پوليس ذريعن، روينيو کاتي، مزدور يونين ۽ مختلف شعبن جي پيشيوار ماڻهن جي انٽرويوز ذريعي گڏ ڪيل معلومات جي بنياد تي اهو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي. هن وضاحت ڪئي ته جائزو پوليس اسٽيشن  يونين ڪائونسل سطح تي ڪيو ويو آهي. غلط اندازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اها سروي سائنسي انداز ۾ ڪئي وئي آهي، جتوڻيڪ هيل تائين ڪيل سروي ۾ ن ليگ جي مقبوليت جي شرح جي حوالي سان هڪ پر اميد اندازو لڳايو ويو آهي، ڇو جو نواز شريف جي واپسي کان پوءِ کان پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، پر هيل تائين ڪنهن اهو جائزو پيش ناهي ڪيو ته ڪهڙي پارٽي ڪيتريون سيٽون کٽي سگھندي. بين الاقوامي ميڊيا به نواز شريف کي مستقبل جي وزيراعظم طور پيش ڪيو آهي، پر ڇا اهو سادي اڪثريت حاصل ڪري سگھندو يا نه، ان جو جواب نه آهي پر هن سرڪاري جائزي مطابق ن ليگ کي 115 کان 132 جي وچ ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. عورتن ۽ اقليتن جي خاص سيٽن کي شامل ڪرڻ جو مطلب هوندو ته پارٽي وٽ سادي اڪثريت سان اڪيلو حڪومت ٺاهڻ جو موقعو هوندو، جيستائين صوبائي اسيمبلين جو تعلق آهي، ته جائزي مطابق پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ کي 297 کان 190 تائين سيٽون ملي سگھن ٿيون، يعني ن ليگ کي صوبائي اسيمبلي ۾ مڪمل اڪثريت ملي ويندي. ذريعن موجب ن ليگ ڪجهه ضلعن کان سواءِ پنجاب ۾ ڪلين سوئپ ڪري سگھي ٿي. سرڪاري اندازن مطابق ن ليگ پنجاب ۾ امڪاني ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان حڪومت ٺاهيندي، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ن ليگ گڏيل حڪومتون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، جڏهن ته پيپلزپارٽي وٽ صرف سنڌ حڪومت رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. جائزه رپورٽ موجب مرڪز ۾ پيپلزپارٽي کي 35 کان 40 سيٽون ملي سگھن ٿيون، جڏهن ته تحريڪ انصاف جا آزاد اميدوار 23 کان 29 جي وچ ۾ سيٽون حاصل ڪري سگھن ٿا. ايم ڪيو ايم کي 12 کان 14 سيٽون ملنديون، جي يو آءِ قومي اسيمبلي ۾ 6 کان 8 سيٽون، ق ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي کي قومي اسيمبلي مان ٻه  کان ٽي سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.