چانهه جي ڪٽلي سان راند کيڏندڙ ٻار مٿي ۾ ڦاسائي ڇڏي

0
269

بيجنگ (دلچسپ نيوز) چانهه جي ڪٽلي سان راند کيڏندڙ ٻار ڪٽلي مٿي ۾ ڦاسائي ڇڏي، فائر فائٽرز کي گهرائي ڪٽلي ڪڍي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي شهر چانگشا ۾ فائر فائٽرز کي هڪ خاندان طرفان ڪال ڪئي وئي جنهن ۾ انهن فائر فائٽرز کي مدد جي لاءِ طلب ڪيو فائر فائٽرز جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان کي ڪال تي چيو ويو ته هڪ ٻار پنهنجي مٿي ۾ راند جي دوران جست جي ڪٽلي(لوهي جي ڪٽلي) ڦاسائي ڇڏي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ مٿي مان نه پئي نڪري.فائر فائٽرز فوري طور تي متاثر گهر پهتا جتي انهن ٻار جي مٿي مان اڌ ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوءِ لوهه جي ڪٽلي کي ڪٽيو ۽ ٻار جي مٿي کي حفاظت کان ٻاهر ڪڍيو.ٻار جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻار جي ڳچي ۾ سوڄ ٿي وئي هئي جنهن سبب/ڏسو صفحو 8 بقايا 02
ڪٽلي نه پئي نڪتي. جڏهن ته ڪٽلي ڪڍڻ جي دوران ٻار جي ڪنهن به قسم جو ڌڪ نه لڳو ۽ ڪٽلي کي احتياط سان سندس مٿي کان ڌار ڪيو ويو.