ڄام نوازعلي ( ن پ ا) ڄام نواز علي ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنيسر ملوکاڻي ڀرسان هڪ هفتو اڳ ٻن ڌرين گلاب خاصخيلي ۽ نظام شاڪر ملوکاڻي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي جو نبيرو ڄام هائوس ڄام نواز علي ۾ پ پ ايم پي اي ڄام شبير جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملوکاڻي برادري جي شڪيل، نظام شاڪر ۽ چاڪرخان ملوکاڻي، جڏهن ته خاصخيلي برادري جي گلاب خاصخيلي، شير محمد خاصخيلي، عباس خاصخيلي، ھاشم خاصخيلي شريڪ ٿيا. جنهن ۾ امينن طور اڳوڻي تعلقي ناظم غلام رسول وساڻ، سيد پپو شاهه پاران ڳالهيون ٻڌيون ويون، جنهن ۾ خاصخيلي ڌر کي اڳرائي ڪرڻ تي ڏوهي قرار ڏيندي مٿن 50 هزار ڏنڊ ۽ تڏو بخشرائڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن بعد ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون ۽ کين ڀاڪر پارايو ويو.