موهن جو دڙو (ن پ ا) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جي ڪنگ پريسٽ مجسمي جي ڪيل تذليل ۽ بي حرمتيءَ واري عمل خلاف نوادرات کاتي طرفان ايئرپورٽ ٿاڻي تي بي حرمتي جو قلم 295 اي لڳائي ٽن جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته مک جوابدار پنهنجي پٽ سميت گرفتار ٿي ويو آهي. قديم ماڳ تي مقرر ٿيل ملازم محمد اسماعيل مغيري جي فرياد تي 3 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن عظيم تهذيبي ماڳ جي بي حرمتي جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد آرڪيالاجي ماهر غلام مصطفيٰ شر، اڳوڻو ڪيوريٽر ميوزيم ظهير الدين شر، اديب ليکڪ ظهير ٻٽ ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موهن جو دڙو تي پهتا. هنن آثارن جي بي حرمتي واري عمل جي مذمت ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي. هوڏانهن موهن جو دڙو تي مقرر ٿيل آرڪيٽيڪ انجنيئر نويد احمد سانگاه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته موهن جي دڙي جي اسٽوپا ۽ ٻين آثارن جي حفاظت لاءِ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي صرف 4 پوليس اهلڪار مليل هئا، جيڪي بدلي ڪرائي هليا ويا آھن، هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي موهن جي دڙي جي اسٽوپا جي حفاظت لاءِ ٻيهر ليٽر لکنداسين، جيئن قديم ماڳ جي آثارن جي حفاظت ڪرڻ ۾ پوليس جي مدد ملي سگهي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل آهي، جلد نادرا جي مدد سان جوابدان کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن ايئرپورٽ پوليس لاڙڪاڻي جي 7 نمبر ناڪي ڀرسان واپڊا ڪالوني ۾ ڇاپو هنيو ويو جتان گهربل جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. بعد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري رتوديرو مان ٻه ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، گرفتار ٿيل جوابدار ۾ مک جوابدار گل محمد هليو ۽ سندس پٽ تعمير حسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن کي لاڙڪاڻي جي هڪ ٿاڻي تي آندو پيو وڃي.