ڄامشوري ۾ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا!

0
167

ڄامشورو: ڄامشورو شهر ۾ امن امان جي خراب صورتحال خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، سياسي سماجي تنظيمن پاران ڄامشورو پوليس خلاف احتجاج ڪندي ڪورٽ چوڪ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ڪندڙن ڄامشورو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. سندن چوڻ هو ته ڄامشورو شهر ۾ چوريون ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ڪجھ ڏينھن اڳ يوسف کوسو مان چوري ٿيل چنيسر تيوڻو جي موٽر سائيڪل به پوليس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ڄامشورو پوليس هڪ به ڏوهاري کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. ڄامشورو پوليس صرف منشيات جي ڪاروبار ۾ رڌل آهي، آئي جي سنڌ نوٽيس وٺي.