جوهي/واهي پانڌي/ ٽندو رحيم خان (نمائندن وٽان) نئين گاج جي وهڪري ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ غريبن جا اجھا لوڙهي ڇڏيا، جوهي ڀرسان 50 بنگلي وٽ ايف بي بچاءُ بند کي لڳل گهارو 100 فٽ ٿي ويو، جنهن سبب جوهي جي يونين ڪائونسل ساوڙو ۽ ڪمال خان جا ڳوٺ مولوي نور محمد رودناڻي، محبت رودناڻي، ڪمال رودناڻي، سليمان فقير کوسو، عبدالرحمن رودناڻي، احمد چانڊيو، خير محمد چانڊيو، حاجي فوٽو رودناڻي، عيسيٰ رودناڻي، احمد رودناڻي، اڪبر رودناڻي سميت 30 ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آبپاشي انتظاميا جي لاپرواهي سبب گذريل ڏينهن کان لڳل روڻيون بند نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته ايم اين اي رفيق جمالي ۽ ڪمشنر حيدرآباد جي دورن باوجود ايف بي بند کي لڳل گهارو بند نه ٿي سگهيو آهي.جڏهن ته 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڇڊي رستماڻي، ٽٻائي لنڊ، شير محمد ٽالپر، ڪنڊو ٻٻر، بهاول ٻٻر، ڄام ٻٻر، فتح بروھي، شفيع محمد لنڊ، يار محمد لنڊ، قاسم رودناڻي، ٺل، گولو فقير، احمد خان برهماڻي، ساوڙو، سچو بوزدار، باگو شاھاڻي، علي مراد شاهاڻي، الھڏتو قمبراڻي، صديق ماڇي، ڇني، ٽنڊو رحيم خان سميت ٻين ڳوٺاڻن جا شهرن سان زميني رابطا ڪٽيل آهن، هزارين متاثر خاندان نٽهڻ اس تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، جنهن جي سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ٽئين ڏينهن به واھر نه ڪئي آهي، جڏهن ته واهي پانڌي، ڊرگھه بالا، ڇني، ٽنڊو رحيم خان، ھيرو خان سميت ٻين شهرن جي ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جون شيون اڻلڀ ٿي ويون آهن، هوڏانهن اٽلي سرڪار پاران جوهي شهر جي رهواسين کي ڪاڇي جي شهر بازمال کوسو مان زير زمين بورن ذريعي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڏنل اسڪيم کي نئين گاج جي پاڻي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پائپ لائين ٽٽڻ سبب شهر ۾ 3 ڏينهن کان واٽر سپلاءِ بند هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، شهري مجبوري مان پئسن تي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن، رهواسين هاشم کوسو، قربان کوکر، هارون پنهور، عبدالله کوسو، شاعر خادم جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ چونڊيل نمائيندن پائپ لائين جي مرمت لاءِ قدم نه کنيا آهن، نوٽيس وٺي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي، هوڏانهن ٽنڊو رحيم ڀرسان نئين گاج ۾ لڙھي تباھ ٿيل ڇني روڊ تي متاثر ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي محمد علي بوزدار، بجار خان ۽ ٻين دانيهندي چيو ته نئين گاج وهي اچڻ سبب ڳوٺن جو ڇني ۽ جوهي روڊ سميت ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.