ڪورونا بي قابو ٿي ويو، ڪراچي ۾ هيلٿ ايمرجنسي لڳائي وڃي: طبي ماهرين جو مطالبو

0
188
پاڪستان ۾ ڪورونا

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڊيلٽا ويرينٽ جي ڪري وڏن سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالن ۾ جڳهه ختم ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري طبي ماهرين شهر ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو مطالبو ڪيو آهي، هيلٿ عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي سرڪري اسپتالن ۾ مريض ٻارڙن جو تعداد وڌنڌو پيو وڃي، نيپا جو انفيڪشنز ڊيزز اسپتال مڪمل طور تي ڀرجي چڪو آهي، جڏهن ته ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ مريضن جي داخلي جي جي گنجائش نه آهي، آغا خان اسپتال ڪورونا جي مريضن کي وٺڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي، عملدارن جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ڪراچي ۾ 48 بيڊ جي سرجيڪل وارڊ کي ڪورونا وارڊ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ جناح اسپتال ڪراچي جي چيسٽ وارڊ کي به ڪورونا وارڊ ۾ تبديل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، جڏهن ته لياري جنرل اسپتال ۾ ڊيلٽا وائرس سان متاثر ٻارڙن جي آمد شروع ٿي وئي آهي جنهن ڪري اسپتال جي ڪوڊ وارڊ ۾ بيڊز وڌايا پيا وڃن، عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڊيلٽا ويرينٽ جي شرح 92 سيڪڙو وڌي وئي، ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ۾ ڪورونا وائرس انفڪيشن جي شرح وڌي رهي آهي، انڊس اسپتال جي پروفيسر عبدالباري جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال بي قابو ٿي چڪي آهي، اسپتال جو ڪورونا وارڊ ۽ ايمرجني مريضن سان ڀرجي ويا، عوام ايس او پيز تي عمل ڪري ۽ ويڪسين لڳرائي.