ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ اٽي چڪي مالڪن جي تنظيم اٽي جي ڪوٽا نه ملڻ جي صورت ۾ ضلعي ۾ اٽي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو آهي، ڪوٽڙي پريس ڪلب تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي اٽي چڪي جي مالڪن جو چوڻ هيو ته کين گهربل اٽو ڏيڻ بدران اٽي چڪي وارن کي فقط 11 ٻوريون في پٿر جي حساب سان ڏنيون پيون وڃن جيڪي انتهائي ناڪافي آهن جڏهن ته کين في پٿر جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ 60 ٻوريون گهربل آهن. اٽو چڪي اونرس ايسوسيئشن ڄامشورو جي اڳواڻن حاجي انور خان، جاجي سليمان سمون، پريم ڪمار،اسامه فاروق غوري ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته 80 سيڪڙو ماڻهو چڪي جو اٽو کائين ٿا جڏهن ته حڪومت وري چڪي مالڪن بدران مل مالڪن کي نوازي رهي آهي، گهربل ڪوٽا نه ملڻ جي ڪري چڪين کي تالا لڳائڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهن، هنن جو چوڻ هيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب سڄي سنڌ مان ڄامشوري ۾ ماڻهو اچي ترسيا آهن جنهن ڪري هتي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ اٽي جي وڌيڪ گهرج آهي پر سنڌ حڪومت ۽ فوڊ کاتي ڄامشوري ضلعي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، هن ٻڌايو ته مارڪيٽ م ساڍا اٺ هزار ۾ ڪڻڪ جي ٻوري ملي ٿي جڏهن ته سرڪاري اگھ ساڍا پنج هزار آهي جنهن ڪري اٽي چڪين جا مالڪ ايترو خرچ ڀري نٿا سگهن. هنن ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 88 رپيا ڪلو آهي جڏهن ته سرڪار 65 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ لاء پابند ته ڪيو آهي پر ان لاء گهربل ڪڻڪ نٿي ملي جنهن ڪري چڪيون بند ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هنن سنڌ حڪومت، فوڊ کاتي ۽ ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته کين گهربل ۽ مقرر ٿيل ڪوٽا فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ضلعي ۾ اٽي جي کوٽ پيدا نه ٿئي ۽ عوام کي به فائدو ملي.