دوڙ (ن پ ا) دوڙ ڀرسان سجاول مائنر شاخ کي گذريل رات دير سان 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن ڪري ڳوٺ غلام حسين چانڊيو، غلام شبير کوسو، بخشڻ زرداري سميت آسپاس جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، علائقي واسين منير حسين زرداري، امام دين ٻڌايو ته رات دير کان گھارو لڳو، جنهن کي بند ڪرڻ لاءِ اڃا تائين آبپاشي عملو ناهي پهتو، هنن چيو ته اڳ ئي برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، مٿان وري شاخ جي پاڻي گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گهارو بند ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.