ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياقت آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس بي سي اي سينٽرل جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقصود احمد رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ لياقت آباد جي پلاٽ نمبر 9/317 تي ٿيل اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، ايس بي سي اي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل بلڊنگ بنا ڪنهن منظوري جي تعمير ڪئي وئي آھي، ان موقعي تي عدالت غير قانوني اڏاوتن کي 30 ڏينهن اندر ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ايس بي سي اي سينٽرل جي ڊائريڪٽر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، درخواستگذار محمد جاويد  جو چوڻ ھو ته ايس بي سي اي جي ملي ڀڳت سان ڄاڻايل پلاٽ تي اڏاوت ڪئي وئي هئي